سچن ٽنڊولڪر جي نياڻي به فرنچائز ٽيم جي مالڪياڻي بڻجي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) عظيم ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر جي نياڻي سارا فرنچائز ٽيم جي مالڪياڻي بڻجي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڊجيٽل انٽرٽينمينٽ ۽ ٽيڪنالاجي جي عالمي ڪمپني جيٽ سنٿيسس اعلان ڪيو آهي ته سارا ٽنڊولڪر هاڻي ”گلوبل ايِ-ڪرڪيٽ پريميئر ليگ“ جي ٻئي سيزن ۾ ممبئي فرنچائز جي مالڪياڻي بڻجي وئي آهي.
اي-ڪرڪيٽ ۽ انٽرٽينمينٽ ليگ ”ريل ڪرڪيٽ“ گيم تي کيڏي ويندي آهي، جنهن کي 30 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ڊائون لوڊ ڪري چڪا آهن.
پهرئين سيزن جي ڀيٽ ۾ رانديگرن جي دلچسپي ۾ پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي ۽ رانديگرن جي رجسٽريشن جو انگ 9 ڏهائي 10 لک تائين پهچي ويو آهي.
ان ڏس ۾ سارا ٽنڊولڪر اي-اسپورٽس ۾ رانديگرن جي وڌندڙ دلچسپي کي نظر ۾ رکندي ٽيم خريدڻ جو فيصلو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ”ڪرڪيٽ اسان جي ڪٽنب جو حصو رهي آهي، اي-اسپورٽس جو نئون تجربو ڪرڻ لاءِ پرجوش آهيان، ممبئي فرنچائز جي مالڪياڻي بڻجڻ مون لاءِ ڪنهن خواب جي ساڀيان جيئن آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.