لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽڪ ٽاڪر مناهل ملڪ هڪ دفعو وري پنهنجي تڪراري وڊيو ليڪ ٿيڻ سبب خبرن ۾ آهي.
رمضان جي ڀلاري مهيني عمرو ادا ڪرڻ ۽ عيد ملهائڻ کانپوءِ سندس هڪ ذاتي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته اهو پهريون واقعو ناهي جڏهن مناهل ملڪ جي نالي سان فحش مواد سوشل ميڊيا تي تڪرار کڙو ڪيو آهي، ان کان اڳ گذريل سال آڪٽوبر ۾ به اهڙيون وڊيوز منظرِعام تي آيون هيون، جنهن سبب ٽِڪ ٽاڪر کي ڇتي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو هو، جنهن کانپوءِ هن عارضي طور سوشل ميڊيا ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.
وڊيو ليڪ ٿيڻ بابت مناهل ملڪ پنهنجي دفاع ۾ چيو ته اهي سڀ وڊيوز هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) جي ذريعي ٺاهيون ويون ۽ جعلي آهن.
هن چيو ته ”مان ايف آءِ اي ۾ ان معاملي بابت شڪايت داخل ڪرائي آهي ۽ اميد آهي ته ڏوهاري جلد قانون جي پڪڙ ۾ هوندا.“
سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي سخت ردعمل اچي رهيو آهي، ڪجهه واهپيدارن مناهل ملڪ جي پرائيوسي بابت ڳالهائي رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اهو رڳو شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
You might also like