رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت حج پانڌيئڙن کي ڪراچي ۽ اسلام آباد جي هوائي اڏن تي اميگريشن سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
سعودي سفارتخاني طرفان پاڪستان سول ايوي ايشن ۽ ايئرپورٽس اٿارٽي کي هڪ خط موڪليو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن سال به حج پانڌيئڙن جي ڪراچي ۽ اسلام آباد ايئرپورٽن تي اميگريشن ڪئي وڃي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۽ اسلام آباد جي هوائي اڏن تي اميگريشن لاءِ مناسب جڳهه مختص ڪئي وڃي، سعودي عرب کان پاڪستان ايندڙ اميگريشن سامان تي ٽيڪس ڊيوٽي کان ڇوٽ ڏني وڃي.
ڪراچي ۽ اسلام آباد ايئرپورٽن تي سعودي علمدار حج پانڌيئڙن جي اميگريشن ڪندا، جڏهن ته پاڪستان ۾ اميگريشن ٿيڻ کان پوءِ پانڌيئڙن جي سعودي عرب ۾ اميگريشن نه ٿيندي.
Next Post
You might also like