لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جي ٽڪيٽن جي وڪرو 3 اپريل(اڄ) کان شروع ٿيندو.
پي سي بي موجب، پي ايس ايل ٽڪيٽون 3 اپريل جي ٽهپري ٽِين وڳي آن لائين دستياب هونديون، جڏهن ته فزيڪل ٽڪيٽن جو وڪرو وارو عمل 7 اپريل کان نجي ڪوريئر سينٽرز تي شروع ٿيندو.
آن لائين بُڪ ڪيل ٽڪيٽون نجي ڪوريئر جي مقرر ڪيل پڪ اپ مرڪزن تان حاصل ڪري سگهبيون، پي ايس ايل جي چئن وينيوز لاءِ عام ٽڪيٽ جي قيمت 650 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ 11 اپريل تي شيڊيول افتتاحي ميچ جي ٽڪيٽ 1000 رپين کان 8500 رپين تائين دستياب هوندي.
پاڪستان سپر ليگ جون ميچون چئن شهرن راولپنڊي، ڪراچي، لاهور ۽ ملتان ۾ کيڏيون وينديون.
پي ايس ايل جون فائنل قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ 18 مئي تي کيڏيو ويندو.
Prev Post
You might also like