ڀارت ۾ مسلمانن جي کربين ماليت جي ملڪيتن تي راتاهي جو منصوبو، تڪراري ” وقف ترميمي بل“ منظور

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مسلمانن جون کربين ماليت جون ملڪيتون هڙپ ڪرڻ لاءِ هندو انتها پسند مودي حڪومت ”وقف ترميمي بل“ لوڪ سڀا مان منظور ڪرائي ورتو.
ڀارتي لوڪ سڀا تڪراري ”وقف ترميمي بل“ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته ڪانگريس ميمبرن طرفان بل جي سخت مخالفت ڪئي وئي.
مسلم مخالف تڪراري بل کي اڄ ئي راجيا سڀا ۾ پيش ڪيو ويندو، جتي بل جي منظوري لاءِ 236 ميمبرن مان 119 ميمبرن جي حمايت گهربل هوندي.
ڪانگريس اڳواڻ سونيا گانڌي وقف ترميمي بل کي آئين تي حملو قرار ڏيندي چيو ته مودي سرڪار ملڪ کي کاهي ۾ ڦٽو ڪري رهي آهي.
آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جي پارليامينٽ رڪن اسد الدين اويسي بل جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي ۽ چيو ته هو گانڌي جيان وقف بل کي ڦاڙي ٿو، وقف بل آرٽيڪل 25، 26 جي ڀڃڪڙي ۽ مسلمانن سان زيادتي آهي.
واضح رهي ته وقف ترميمي بل 2025ع جي تڪراري ترميمن ۾ غير مسلم کي وقف بورڊ جو چيف ايگزيڪٽيو آفيسر بڻائڻ، رياستي حڪومتن کي پنهنجي وقف بورڊ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه غير مسلم ميمبر شامل ڪرڻ ۽ ضلعي ڪليڪٽر کي تڪراري ملڪيتن تي فيصلو ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ شامل آهي.
لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي چيو ته وقف ترميمي بل جو مقصد مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سندن ملڪيتن تي راتاهو هڻڻ آهي.
هن چيو ته بي جي پي ۽ سندس اتحادين بل آڻي آئين تي حملو ڪيو آهي، بل مستقبل ۾ ٻين برادرين کي نشانو بڻائڻ جو سبب بڻجندو.
ڀارتي رياست تامل ناڊو جي وڏي وزير ۽ ڊي ايم ڪي اڳواڻ ايم ڪي اسٽالن بل جي سخت مذمت ڪندي وقف ترميمي بل سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
ايم ڪي اسٽالن چيو ته وقف ترميمي بل خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين، بل وقف بورڊ جي خودمختياري خلاف آهي ۽ ِاهو اقليتي مسلم آبادي لاءِ خطرو آهي.
ان کانسواءِ آل انڊيا مسلم پرسنل لا بورڊ طرفان بل خلاف آنڌرا پرديش ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.