اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان پناهگرين جي واپسي جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ سندن نيڪالي وارو عمل سست رفتاري جو شڪار ٿي ويو آهي.
لنڊي ڪوتل ۾ افغان پناهگيرن جي واپسي لاءِ ڪئمپ ۾ ڪم جاري آهي ۽ عيد جي ٽن ڏينهن دوران رڳو 105 ماڻهن تي ٻڌل پنج خاندان واپس وڃي سگهيا.
ان کانسواءِ بابِ دوستي وٽان وطن واپسيءَ لاءِ افغان شهرين جون تياريون جاري آهن ۽ هاڻي بابِ دوستي ڪئمپ ۾ نادرا طرفان افغان شهرين ڪي بائيوميٽرڪ ڪئي ويندي.
You might also like