وزيراعظم سان گهرو وزير جي ملاقات، افغان شهرين جي نيڪالي بابت آگاهه ڪيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال ۽ افغان شهرين جي واپسي بابت قدمن بابت آگاهه ڪيو.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب، گهرو وزير وزيراعظم کي عيدالفطر جي مبارڪ ڏني ۽ سيڪيورٽي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ملاقات دوران ملڪ جي امن امان جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم شهباز شريف عيدالفطر دوران سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
ياد رهي ته پاڪستان حڪومت طرفان غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهي شهرين ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن جي واپسي جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن تحت 1 اپريل تائين 886242 غيرقانوني افغان شهري ملڪ ڇڏي چڪا آهن.
حڪومتي پاليسي موجب، ملڪ ڇڏڻ جي ڏنل آخري ڊيڊ لائين ختم ٿي وئي آهي، هاڻي غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.