اسلام آباد(امتياز گل)ناليواري سينئر سياستدان افراسياب خٽڪ چيو آهي ته نو آبادياتي دور ۾ جيڪا ڊيورنڊ لائين بڻائي وئي ان وقت سوچيو نه ويو ايتري قدر جو چمن ۾ مسجد هڪڙي پاسي آهي ته نمازي ٻئي پاسي آهن.پر سڀ کان وڏو جبر ون يونٽ ۾ ٿيو.بنگال جي وڏي آبادي کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ هتي هڪ وڏي صوبي پاران صوبن کي زوري گڏايو ويو.لاهور کي سيڪريٽريٽ بڻايو ويو، ڪو ماڻهو ڪم جي سلسلي ۾ چترال مان لاهور ويندو هيو ته ڪو وري هرنائي بلوچستان مان هزارين ڪوهه لتاڙي لاهور ڪم لاءِ وڃڻ تي مجبرو هيو.ان نو آبادياتي نظام خلاف هڪ رد عمل سامهون آيو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جو خيال هيو ته ڊيورنڊ لائين غلط آهي سڀ پشتون افغان آهن. ڪجهه ماڻهن چاهيو ته سڀ پشتون گڏ ٿين ان جي ڪري پشتونستان جو نالو سامهون آيو.صرف پختونخواه نالو رکڻ لاءِ اسان جا ٻه نسل جيلن ۾ ويا.ون يونٽ محرومين کي جنم ڏنو بدقسمتي سان اهو مسئلو اڃان تائين موجودآهي.هڪ سوال ته ڪي پي کان بلوچستان تائين وفاق سان شڪايتون ڇو آهن تي افراسياب خٽڪ چيو ته بدقسمتي سان جيڪي لاهور جا حڪمران اهن سي سمجهن ٿا ته اهي مغل ايمپائر جا وارث آهن.هي دنيا جي واحد فيڊريشن آهي جتي هڪ صوبو ٻين کان وڏو آهي.دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي، اسان جي وڏڙن وڏي دل جومظاهرو ڪندي چيو ته هلو هلائي ڏسون ٿا.پر هي ته آئين تي به عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.هن چيو ته پاڪستان ۾ آئين نه پر ايپڪس ڪميٽي جي حڪومت آهي.ايپڪس ڪميٽي نه آئيني نه وري قانوني ادارو آهي.پر اهو پاڪستان جي سياست ۽ معيشت جا فيصلا ڪري رهيوآهي.ٻئي پاسي اين ايف سي ايوارڊ آخري ڀيرو 2010 ۾ آيو هيو.ارڙهين ترميم جي ڪميٽي جو ميمبر هيس اسان آئين ۾ لکيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ميٽنگ 90 ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ضرور ٿيندي.سال ۾ به نه ٿي آهي ۽ ان جي منظور ي کان بنا توهان ٽي اسٽريٽجڪ ڪينال شروع ڪري ڇڏيا آهن. اها ته آئين جي کليل ڀڃڪڙي آهي. حالت اها آهي جو جڏهن شهباز سرڪار جڙي ته 18 وزارتن مان اسان جي صوبي جي صرف هڪ هئي.اها به سيفرون جي.ٻئي پاسي فوج کي ڏسو جيڪا جنرل شاهي آهي اتي ته 500 سيڪڙو هڪ صوبي جي اڪثريت آهي،اهڙي صورتحال ۾ شڪايتون نه ٿينديون ته ڇا گيت لکبا.پشتون، بلوچ سنڌي ، گلگتي شڪايتون نه ڪندا ته ڇا ڪندا.افغانن جي نيڪالي جو مسئلو آهي ته 11 سالن تائين ضيا حڪومت چيو اسان لاءِ اهو ڪافي آهي ته رڳو مسلمان هجن. هاڻي توهان جيڪو فصل پوکيئندو ايندڙ نسل لڻندا توهان افغانستان کي پنهنجو دشمن بڻائي رهيا آهيو.هي چون ٿا ته اسان ڪلهه به سهي هياسين اڄ به سهي آهيون.افغانن بابت اها خوفناڪ پاليسي آهي.توهان ماري ماري بلوچن کي عليحدگي ڏانهن ڌڪيو ۽ پشتونن کي دهشتگردي ڏانهن.دهشتگردي اسٽيٽ پاليسي جي نتيجي ۾ آئي آهي،هن چيو ته پاڪستان جي افغانستان بابت ڪا پاليسي ناهي اها مغرب جي پاليسي آهي.ضيا واري جهاد جو نقشو چرچل جي ذهن ۾ هيو.جڏهن جرمن شڪست کاڌي ته سوچيائون هاڻي دشمن ڪير هوندو ته جواب آيو روس، هن چيو ته ان خلاف سياسي اسلام کي اڀارڻو پوندو.سو ننڍي کنڊ جي ورهاست کي مذهبي رنگ ڏنو ويو.1948 ۾ جيڪي ڪشمير ۾ پشتون موڪليا ويا اها شروعاتي تيار ي هئي ته انهن کي جهاد تي ڀڙڪايو وڃي.هنن ڪوشش ڪئي ته افغانستان سيٽو سينٽو ۾ شامل ٿئي اهو نه ٿيو. پوءِ ان کي پاڪستاني جنرلن وسيلي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.طالبان کي ڪنهن پاليو؟مغربي قوتون چين ۽ روس جو مقابلو معيشت ۾ نه ٿيون ڪري سگهن.وٽن هڪ ئي حربو آهي اهو آهي جهاد.جهاد ٿيندو ايفپيڪ مان. افغانستان سان ڇهن ملڪن جون سرحدون لڳن ٿيون پر پنجن ۾ ڪا دهشتگردي ناهي. ته اهو چوڻ بيڪار آهي ته پاڪستان اهري هنڌ تي آهي جو اهو ان ويڙهه ۾ لازمي گهلبو.1954 کان پاڪستان تي بيوروڪريسي جو قبضو آهي.اهي انگريزن جا تخليق ڪيل ماڻهو هئا.اڌ پاڪستان وڃائڻ بعد به اهي پاليسيون جاري آهن.هن چيو ته هتي غير اعلانيه مارشل لا لڳل آهي.منهنجي خيال ۾ آمريڪا طالبان کي افعانستان اندر آڻڻ پئي گهريو ۽ غني سرڪار ختم ڪئي وئي. 2014 کان پوءِ ملٽري اسٽيٽ ٿي وئي آهي ۽ هڪ وڏي صوبي جو ان ۾ وڏو انگ هئڻ سبب اها هاڻي پنجوائيزيشن اسٽيٽ آهي.