نه رھيون روزن ۾ رهاڻيون نه ئي عيدن ۾ عُذر…

تحرير: ياسمين چانڊيو

نه رهيون روزن ۾ رهاڻيون، نه ئي عيدن ۾ عذر،

زندگيءَ جي  وهڪرن، وِساري ڇڏيا سڀ خوبصورت منظر.

ڪڏهن هئاسين ساٿ سان گڏ، هاڻ وڇوٽيون راهبر،

عيد ته ايندي آھي ھر سال ، پر خوشيون وڃائجن پيون هر پل.

جيڪڏهن ننڍپڻ جي عيدن جو ذڪر ڪنداسين ته بي اختيار چهرو خوشيءَ وچان ٽڙي پوندو آھي ،انھن  ڏينهن جو تصور ئي دل ۾ معصوم مُرڪ آڻي ڇڏيندو  آھي جڏهن نوان لٽا  پائڻ،  نوان سينڊل يا چپل ، وري نيون واچون ، پرس ، چوڻيون ، خريدڻ  ميندي لڳرائڻ جنھن ۾ سڄي رات گذرندي ھئي ۽ ننڊ جو احساس ئي ڪونه ٿيندو ھيو ، بس صبح جو اوسيئڙو رهندو هو ته صبح ٿئي نوان لٽا پايون ۽ عيد جي خرچي ملي.ڀينرون، ڀائرن ۽ سنگتياڻين ، سان گڏ گھمڻ ۽ ھڪ ٻئي جي خرچيءَ بابت پڇڻ .

ڇا ته انهن عيدن جي خرچين جي نوٽن جي مھڪ ھوندي ھئي جيڪا اڄ به دماغ ۽ روح  محسوس ڪندي تازو ٿي ويندو آھي. تن ڏينهن ۾ به انھن نوٽن جي مھڪ سڄو ڏينهن خوشبو وانگر روح ۾ رچيل هوندي  هئي. اُن وقت نه موبائيل فون جي پريشاني، نه نوڪرين جي ڳڻتي، نه زندگيءَ جي بي رحم مصروفيتون هيون، فقط هڪ معصوم دنيا هئي، جتي عيدن جي خوشي بي لوث ۽ مڪمل هئي.

اُهو وقت  ڪيڏو نه خوبصورت هيو، جڏهن عيد جي خوشي رمضان جي پهرئين روزي کان ئي شروع ٿي ويندي ھئي.اوسي ،پاسي ، رڳو ان جي خوشبوءِ پکڙجي ويندي هئي. جڏھن پهرئين سحريءَ سان گهرن ۾ روشني جا ڏيئا ٻرندا ھئا ، ته عيد جي خوشبو به محسوس ٿيڻ لڳندي  ھئي. هڪ مٺڙي۽ نماڻي اميد، هڪ ٻئي سان ونڊجڻ جي جذبي جو احساس. ۽ عيد ڪارڊ وٺڻ جي خوشي جيڪي مختلف رنگن سان ڀريل ھوندا ھئا ۽ انھن ڪارڊن تي پنھنجي ھٿن سان محبتن ڀريل مبارڪن جا جملا لکبا ھئا . ايئن ڀانبئو ھيو ڄڻ ان ڪارڊن تي محبت اوتي ھجي . وري عيد ڪارڊن سان گڏ تحفا به موڪليا ويندا هئا. ڪيڏو نه شاندار وقت ھيو.

پاڙي جا گهر ته ائين هئا ڄڻ هڪ ئي ڇت هيٺ بيٺل هجن، جيئن ئي ڪنهن گهر ۾ ڪا نئين سوادي شيءِ پچندي، ته ان جي خوشبوءَ سان ئي خبر پئجي ويندي ته "اڄ هتي ڇا رڌيو ويو آهي؟” ڪنھن گهر ۾  حلوو رڌبو ھيو ته ٻئي گهر ڏانهن ضرور موڪليندا هئا، ڪو پڪوڙا تري ته پاڙي جا ٻار انهن جي مهڪ تي ئي پهچي ويندا ھئا. رمضان رڳو  عبادتن جو نالو نه هيو، پر محبتن ۽ خلوص جي ورهاست جو به وقت هيو.

افطاريءَ وقت مائٽ، پاڙيسري ۽  هڪ ئي دسترخوان تي گڏ ٿيندا ھئا ،ٽڙيل مکڙيون، روشن چهرا، ھر ڪو ٻھڪندو  چمڪندو ھيو .”عيد اچي پئي!” هي جملو هر ڳالهه ۾ شامل هوندو ھو ، ڇو ته عيد ته دلين ۾ اڳ ئي اچي چڪي هوندي ھئي. رات جو تراويح کانپوءِ گھٽيءَ ۾ ٻارن جو ميڙاڪو لڳندو ھو، ڪنهن کي نوان ڪپڙا وٺڻ جو شوق، ته ڪنهن کي عيد جي صبح جو انتظار. اماڻيل مٺايون عيد ڪارڊن سان گڏ ڏنل  تحفه  ئي ته ان وقت جي سچي عيد هوندي هئي.

تڏهن عيدن کان اڳ ئي جوش شروع ٿي ويندو هو.  راتيون ۽  بازارون  صبح جي ٻانگ جي اوسئيڙي  جاڳينديون هيون، ۽ تن ڏينهن ۾  عيد کان اڳ جي رات جو نڪتل چنڊ رڳو اسمان تي نه، پر دلين ۾ به روشنيون آڻي ڇڏيندو هو. سڄي رات جاڳي، مينديءَ جي خوشبوءِ سان هٿن کي رنگين ڪندي، نينهن ڀريل حسرتن سان جاڳندا ،هئاسين ته صبح ٿيندي ئي نوان لٽا  پائينداسين. ڀلي ڪپڙا سستا ھوندا ھئا پر ،دل ۾ اميراڻي خوشي ھوندي ھئي ،صبح سويل وھنجي سنڀري ،پاڙي ۾ سيون ورھائڻ ۽ موٽ ۾ خوشبوءِ سان ڀريل عيدي جي صورت مھڪندڙ نوٽن جي خرچيءَ سان ڪلھي تي پيل پرس ڀرجي ويندي ھئي ،

وقت اڳتي وڌندو ويو. وڏا ٿياسين، ذميواريون وڌيون، ۽ عيد جو مطلب بدلجي ويو.  هاڻ اسين پاڻ والدين بڻجي چڪا هئاسين. هاڻ عيد جي تياري پنهنجي لاءِ نه، پر پنهنجي ٻارن لاءِ ڪرڻي پوندي هئي. رات جو دير تائين مارڪيٽن ۾ ٻارن جي پسند جا ڪپڙا، جوتا، رانديڪا وٺڻ ۽ سندن کلڻ تي خوش ٿيڻ ۾ ئي پنهنجي خوشين جي جڳهه تلاش ڪئي سين. اها عجيب ڳالهه آهي ته انسان زندگيءَ جي هر نئين مرحلي ۾ خوشيون ٻيهر تلاش ڪرڻ لڳي ٿو. ننڍپڻ جي عيد اسان لاءِ هئي، پوءِ جوانيءَ ۾ ٻارن جي خوشين ۾ اسان پنهنجي عيد ڏٺي، پر هاڻ جڏهن ٻار به وڏا ٿي ويا، ته هوريان هوريان عيدن جون رونقون گهٽجڻ لڳيون. هاڻ نه اهي بازارن ۾ راتين جو جاڳڻ، نه عيدن لاءِ جوش سان تياريون، ۽ نه ئي اهي گڏجي ويهي عيد ملهائڻ جا پل رهيا. اسان جا ٻار پنهنجين زندگين ۾ مصروف ٿي ويا، سندن ڪيريئر، نوڪريون، پنهنجا نوان لاڳاپا، اهميت اختيار ڪري ويا. هاڻ اُهي  پنهنجي نئين سوچ  ۽  جديد دؤر جي تقاضائن سان عيدون ملهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،

عيد جي معنيٰ ته خوشي، ميل ملاقات ۽ گڏجڻ آهي، پر اسان جا جواز ۽ مصروفيتون عيد کي به متاثر ڪرڻ لڳيون آهن. اسين چاهيون ته به، هاڻ اسان لاءِ عيد اڳي وانگر نٿي ٿي سگھي. نه روزن ۾ رهاڻيون رهيون، نه ئي عيدن ۾ عذر. هرڪو پنهنجين مصروفيتن جو عذر پيش ڪري ٿو، ۽ گڏجڻ جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا. پر جيڪڏهن سوچيون ته ڇا واقعي عيد جو رنگ مٽجي ويو آهي، يا اسان پنهنجي لاءِ عيد جو مفهوم تبديل ڪري ڇڏيو آهي؟ يا موجوده حالتن اسان کان خوشيون ڇنيون آھن ؟   جڏهن اسين ننڍڙا ھوندا ھئاسين ته!تڏهن به مهانگائي هئي، تڏهن به وقت سخت هو، پر ماڻهن وٽ دلين جي خوشحالي هئي، هڪ ٻئي سان ونڊڻ جو جذبو هو. رمضان ۾ به، عيد ۾ به، سياسي ميڙاڪن ۾ به زندگيءَ جو رنگ هيو. جنرل ضياءَ جو دور سخت هو، ظلم جو راڄ هو، پر ماڻهون هڪ ٻئي جو سهارو هئا. عيدن تي گيت، ڳالهيون، رهاڻيون، محبتون، سڀ ڪجهه هوندو هو. سياسي جلسا به ، ٿيندا  هئا،  جن ۾  اُميدن جا ڏيئا به ٻرندا هئا.

هاڻي حالتن جو رنگ بدلجي ويو آهي. مهانگائي ته اڳ به هئي، پر هاڻي غربت کان وڌيڪ بيحسي وڌي وئي آهي. اڳي هر گهر جو چلهو سُڄي پاڙي جو چلهو هوندو هو، هاڻي هر ڪو پنهنجا دروازا بند ڪري ويهي رهيو آھي. اڳي عيدن تي سياستدان به عوام سان ملندا هئا، هاڻي ته سياسي ميڙاڪا به هڪ ٻئي سان جهيڙن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. اُهو دور، جنهن ۾ عيدون به جشن هونديون هيون ۽ سياسي ميڙاڪا به محفلون لڳندا هئا، هاڻي رڳو يادون رهجي ويون آهن. لڳي ٿو ته اسان کي ڪنھن سازش سان اهڙي دور ۾ الجهايو ويو آهي، جتي نه محبت رهي، نه ساٿ، نه گڏجڻ جو جذبو.

پر سوال اهو آهي ته ڇا اسين پاڻ کي ٻيهر اُن ساڳئي خلوص واري دور ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري سگهون ٿا؟ يا اسان به هن وير جي وهڪرن ۾ وھندا رهنداسين؟  مان سمجھان ٿي ته اسان وارو  ھي موجوده دور بدلجي سگهي ٿو ؟. ڇا ؟  اسان پنهنجو پاڻ کي بدلائڻ لاءِ تيار آھيون؟؟. اڳي زماني جا ماڻهو شايد ڏکن ۽ ڏمرن  ۾ به صبر ۽ سچائي سان گڏ رهندا هئا، پر اسين ته هاڻي پاڻ کي به دوکو ڏيڻ لڳا آهيون. ظاهر ٻيو، اندر ٻيو هي تضاد اسان کي آهستي آهستي ڳڙڪائيندو پيو وڃي. اسان منافقت جا اهڙا ھيراڪ ٿي ويا آهيون، جو هاڻي اسان کي اها منافقت محسوس ئي نٿي ٿئي. اسين صداقت جا دعويدار آهيون، پر ضرورت پوڻ تي ڪوڙ کي به سچ کان وڌيڪ اهم سمجهون ٿا. محبت جا نعرا هڻون ٿا، پر اسان حسد کي پنھنجي اندر پوکي ويٺا آهيون. انصاف جون ڳالهيون ڪريون ٿا، پر پنهنجي فائدي لاءِ ظلم کي جائز سمجهون ٿا.

اڳي خوشي ونڊڻ سان وڌندي هئي، هاڻي اسين خوشي رڳو  پنهنجي لاءِ محفوظ رکڻ چاهيون ٿا. اڳي ڪو بکيو هوندو، ته پاڙي وارا پنهنجو چلهو ٻاري  کيس کارائڻ جو سوچي سگهندا هئا، هاڻي ته هر ڪو پنهنجي مانيءَ کي به ٻين کان لڪائي ٿو. اڳي سياست به اصولن تي هلندي هئي، هاڻي ته اهو به هڪ واپار بڻجي ويو آهي، جتي قوم، ايمان، وفاداري، سڀ ڪجهه وڪرو ٿئي ٿو.

اتي وقت اڙانگو ان ڪري ناهي جو حالتون خراب آهن، پر ان ڪري جو اسين پنهنجون حالتون بهتر ڪرڻ نٿا چاهيون. هر ڪو پنهنجي آسائش لاءِ جواز ڳولهي ٿو، پر ڪير به اهو نه ٿو سوچي ته! جيڪڏهن اسان مان هر هڪ ماڻهو پنهنجي اندر جي منافقت ختم ڪري ڇڏي ته هي دور پاڻهي بدلجي پوندو.

پر شايد ڇا  اهو خواب ئي رهندو.؟؟ اسين رڳو ٻين جون غلطيون ڳڻڻ وارا ٿي ويا آهيون، پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ لاءِ تيار ئي ناهيون. ۽ جيستائين اسين پنهنجو پاڻ سان ايماندار نه ٿينداسين، تيستائين نه عيدون اڳ وانگر ٿينديون، نه سياسي ميڙاڪا جشن لڳندا، نه وقت سولو ٿيندو. بس اسين هن عجيب دور ۾ پاڻ کي ئي پاڻ کان لڪائيندي گذاري ڇڏينداسين.؟؟  جيڪڏهن اسان پنھنجي دليلن ۾ ايمانداري سان سوچيون ته عيد سال ۾ فقط ٻه دفعا ايندي آهي، ۽ جيڪڏهن انهن ٻن ڏينهن تي به گڏجڻ لاءِ وقت نه ڪڍي سگهياسين ، ته پوءِ ڪڏهن ڪڍنداسين؟

جيڪڏهن اسين عيد جي ڏينهن پنهنجن ويجهن مائٽن  کي ياد نه ڪنداسين، ته پوءِ ڪهڙي خوشي؟ جيڪڏهن عيد تي به سڄو ڏينھن  ستا پيا ھونداسين يا موبائيلن ۾ مصروف رهنداسين، ته پوءِ اھڙي عيد جو ڪهڙو فائدو؟ هو جيڪي عيدن تي گڏ ٿيندا هئا،ڪٿي  وڃائجي ويا، هو محبتن جا سوداگر هيا، ڪٿي گم ٿي  ويا. اڄ جي دور ۾ عيدون، سياسي ميڙاڪا، گڏجڻ جون محفلون سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي،. ھر ڪنھن پنھنجي لاءِ ھڪ الڳ دنيا جوڙي ڇڏي آھي ،ھر ڪو پنھنجي جوڙيل دائرن ۾  قيدي  بنيل آھي ،عيد جو ڏينهن به سوشل ميڊيا حوالي ٿيل ھوندو آھي ،اڳي عيدن تي دڪانن تي وڃي  ڏاڍي اڪير مان ڦوٽو ڪڍرائڻ ڪيڏو نه وڻندڙ احساس ھوندو ھيو.

ھاڻ ته موبائلن وسيلي رڳو فلٽرن حوالي ڦوٽو ٿي ويا آھن ،اسان جي چھرن جي اصلي سونھن به مصنوعي فلٽرن حوالي ٿي وئي آ يا اسان پاڻ ئي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻ  سوال اهو آهي ته ڇا  اھو دؤر موٽي سگهي ٿو؟  جيڪڏهن اسين پنهنجو پاڻ تي نظر وجهون، پنهنجين غلطيُن کي سمجهون، ته عيدون وري به ساڳيون ٿي سگهن ٿيون، محفلون وري به محبتن سان جرڪڻ لڳنديون..

عيد هڪٻئي سان ملڻ، محبتون ونڊڻ جو نالو آهي.  جيڪڏهن اسين عيد تي به پنهنجي دلين ۾ بغض، حسد ۽ نفرت سان گڏجي رهيا آهيون ته پوءِ اها عيد ناهي، هڪ رسم آهي. اصل خوشي ته ان ۾ آهي جو اسين دلين کي صاف ڪريون، پراڻيون ڪدورتون وساري، محبتن کي ترجيح ڏيون. ٻارن وانگر بنا مطلب محبت ڪرڻ، سچي خوشيءَ تي کلڻ، بغض ۽ نفرت کان آجا ٿيڻ، ڇا اهو ناممڪن آهي؟ جيڪڏهن ھا ته پوءِ اچو ته پنهنجي اندر جي معصوميت کي ٻيهر زندهه ڪريون. دنيا بدلجي وئي آهي، حالتون به،! پر جيڪڏهن اسين پاڻ کي بدلائڻ لاءِ تيار ٿي وڃون، ته عيدون به موٽي سگهن ٿيون، ميڙاڪا به، محبتون به، خوشيون به. سوال رگو اهو آهي ته اسين پاڻ ۾ اها تبديلي آڻڻ لاءِ تيار آهيون يا نه؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.