ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اسٽار سلمان خان رام مندر (رام جنم ڀومي) واري گهڙي پائڻ تي تڪرار جو شڪار ٿي ويو، عالمن ان کي حرام قرار ڏئي ڇڏيو.
ٻه ڏينهن اڳ سلمان خان پنهنجي ايندڙ فلم "سڪندر" جي پروموشن لاءِ تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ هو "ايپڪ ايڪس رام جنم ڀومي ٽائيٽينيم ايڊيشن 2" گهڙي پاتل نظر آيو.
ڀارتي ميڊيا موجب هيءَ محدود ايڊيشن واري گهڙي جا رڳو 49 سيٽس تيار ڪيا ويا آهن، جن مان هڪ سلمان خان وٽ آهي. هن گھڙي جي قيمت 34 لک ڀارتي رپيا آهي، جيڪا پاڪستاني 1 ڪروڙ 10 لک رپين کان وڌيڪ ٺهي ٿي.
سلمان خان هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته هيءَ گھڙي سندس ماءُ سلمٰي خان تحفي طور ڏني هئي.
هي گھڙي رام مندر جي تصوير، هندو ديوتائن رام، هنومان ۽ ٻين جا عڪس ڏيکاري ٿي، جڏهن ته ڊائل تي "جي شري رام” جا لفظ به واضح لکيل آهن.
آل انڊيا مسلم جماعت جي صدر مولانا شهاب الدين رضوي سلمان خان جي رام جنم ڀومي واري گهڙي پائڻ تي اعتراض ڪندي چيو آهي ته "هيءَ گھڙي رام مندر جي پروموشن لاءِ ٺاهي وئي آهي، جيڪا ڪنهن به مسلمان لاءِ جائز ناهي.”
سلمان خان هڪ مشهور شخصيت آهي، هن جا لکين مسلمان مداح آهن، کيس اهڙين غير اسلامي سرگرمين کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ توبهه ڪرڻ گهرجي.”
ياد رهي ته ايوڌيا ۾ رام مندر اڃا ڪجهه عرصو اڳ بابري مسجد جي جاءِ تي تعمير ڪيو ويو.
1528ع ۾ مغل دور ۾ بابري مسجد تعمير ڪئي وئي هئي، پر هندو دعويٰ ڪن ٿا ته ان جاءِ تي رام جو جنم ٿيو هو ۽ هتي مسجد کان اڳ مندر موجود هو.
1992ع ۾ هندو انتهاپسندن بابري مسجد شهيد ڪئي، جڏهن ته 2019ع ۾ ڀارتي سپريم ڪورٽ مسجد جي زمين هندوئن جي حوالي ڪرڻ جو تڪراري فيصلو ڏنو.