ڪراچي(ويب ڊيسڪ)عيدالفطر جي موقعي تي پاڪستاني سينيمائن ۾ 5 نيون فلمون رليز ٿينديون، جڏهن ته ڪجهه پراڻيون فلمون به ٻيهر پيش ڪيون وينديون.
رليز ٿيندڙ نيون فلمون:
مارشل آرٽسٽ
هي فلم ايم ايم اي فائٽر جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي، جيڪو دنيا جو بهترين فائٽر بڻجڻ چاهي ٿو، پر هن جي رستي ۾ ڪيترائي چئلينج اچي وڃن ٿا. فلم ۾ اسپورٽس ڊرامو، ٽريننگ سيڪونس، ايڪشن، ۽ خوبصورت هنڌ شامل آهن. شاز خان هن فلم جي هدايتڪاري ۽ مک ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته صنم سعيد ۽ فاران طاهر به ڪاسٽ جو حصو آهن. فلم جو اردو ڊبڊ ورزن عيدالفطر تي پاڪستان ۾ رليز ڪيو ويندو.
ڪبير
هي فلم گينگسٽر ڪبير جي ڪهاڻي آهي، جيڪو هڪ عام ڇوڪري سان محبت ڪري ٿو. فلم ۾ ايڪشن، رومانس ۽ گانا شامل آهن. نيها لاج جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل هن فلم ۾ ميثم علي، سڪينه خان، ۽ عدنان شاهه ٽيپو ڪم ڪيو آهي.
قلفي
هي فلم هڪ هيڪر ۽ چور جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي، جنهن جو ڪردار شهروز سبزواري ادا ڪري رهيو آهي. فلم جي ٽون هلڪي ڦلڪي ۽ مزاحيه لڳي ٿي. ڊاڪٽر مشهود رضا جي پيشڪش هن فلم ۾ جاويد شيخ، مريم انصاري، معمر رانا، ۽ عدنان شاهه ٽيپو به شامل آهن.
لمبي جدائي
فلم جي ٽريلر مان لڳي ٿو ته هي هڪ ايڪشن ڊرامو فلم آهي، جيڪا 90 جي ڏهاڪي جون لالي ووڊ فلمون ياد ڏياري ٿي. فلم ۾ روايتي گانا ۽ ايڪشن سيڪونسز شامل آهن. جاويد رضا فلم جو هدايتڪار آهي، جڏهن ته طيب خان، فضا مرزا، ۽ بابر علي ڪاسٽ جو حصو آهن.
عشق لاهور
هي فلم مافيا ورلڊ جي هٿان ڏکيائيون ڀوڳيندڙ جوڙي جي ڪهاڻي آهي. فلم ۾ روايتي پنجابي ڊانس به شامل آهي. شاهد رانا جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل هن فلم ۾ الطمش بٽ، صائمه نور، جاويد شيخ، ۽ شمعون عباسي ڪم ڪري رهيا آهن.
ان سان گڏوگڏ 2023 ۾ رليز ٿيل اينٿالاجي فلم "تيري ميري ڪهانيان" به عيدالفطر تي ٻيهر رليز ڪئي ويندي، جنهن ۾ ٽي مختلف هدايتڪار ٽي الڳ ڪهاڻيون پيش ڪندا.