ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا غنا علي شوبز انڊسٽري کي اسلام خاطر ڇڏڻ بابت وائرل ٿيندڙ خبرن تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
28 مارچ تي غنا علي جي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ لکيل هو ته هوءَ الله جي حڪمن ۽ مذهب خاطر شوبز ڇڏڻ جو فيصلو ڪري رهي آهي، مداح دعائن ۾ ياد رکن.
اها پوسٽ ڪجهه منٽن اندر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
انکانپوءِ اداڪارا کي وضاحتي بيان جاري ڪرڻو پيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ شوبز ڇڏڻ جو ڪو به ارادو نٿي رکي. غنا علي لکيو ته شوبز ڇڏڻ بابت اسٽوري سندس ڀاءُ مذاق ۾ پوسٽ ڪئي هئي، ان کي سنجيده نه ورتو وڃي، هوءَ شوبز ڇڏڻ جو ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي.