ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي مصروف ترين ناٿا خان فلاءِ اوور تان نشئي شيخون چوري ڪرڻ لڳا، جنهن سبب پل جي بنيادن کي خطرو وڌي ويو.
ڪجهه هنڌن تي نشئي افراد سريو ڪپي پلرز جو اڌ حصو به ڪيرائي ڇڏيو، جيڪو وڏي خطري جي نشاني آهي.
ٻئي پاسي تازو مرمت ٿيل پل جا ڪجهه حصا به هيٺ جهُڪڻ لڳا، جنهن مان لڳي ٿو ته مرمتي ڪم ۾ معيار جو خيال نه رکيو ويو.