واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)امريڪي عورت جو شادي ۽ نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ 45 ڪلو وزن گهٽائي ڇڏيو!
رهوڊ آئلينڊ سان واسطو رکندڙ 38 ورهين جي ڪوني اسٽورز پنهنجي زندگي بدلائڻ لاءِ وڏو فيصلو ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب 2020 ۾ هوءَ شادي شده ۽ هڪ نياڻي جي ماءُ هجڻ سان گڏ هڪ بهترين نوڪري به ڪري رهي هئي، پر لاڪ ڊائون دوران شراب ۽ کاڌي جي عادتن سبب سندس وزن 136 ڪلو تائين وڃي پهتو.
ڪوني اسٽورز فيصلو ڪيو ته هوءَ خوش رهڻ لاءِ تبديلي آڻيندي، جنهن لاءِ هن پنهنجي نوڪري ۽ مڙس کي ڇڏي رولر اسڪيٽنگ شروع ڪئي، جنهن سان هن 45 ڪلو وزن گهٽائي ڇڏيو.
هاڻي هوءَ نه رڳو رولر اسڪيٽنگ جي ماهر بڻجي چڪي آهي، پر هڪ ڪامياب رئيل اسٽيٽ بزنس به هلائي رهي آهي.