مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي سربراهه مولانا عبد الخبير آزاد اعلان ڪيو ته ملڪ جي مختلف حصن مان چنڊ ڏسڻ جون شاهديون مليون آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ بوهري ڪميونٽي اڄ عيد ملهائي رهي آهي، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان به اڄ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو.
ٻئي پاسي سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين خليجي ملڪن ۾ اڄ عيد ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته برطانيا، ڪئنيڊا ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ 31 مارچ تي عيد ٿيڻ جو امڪان آهي.