ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شوال جو چنڊ نظر اچڻ کانپوءِ قوم کي عيدالفطر جي مبارڪ ڏني.
مراد علي شاهه چيو ته عيد جي خوشين ۾ مستحق ماڻهن کي به شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته ٽريفڪ پوليس کي رواني يقيني بڻائڻ ۽ آءِ جي سنڌ کي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون.
مريم نواز چيو ته الله پاڪ اسان جا روزا ۽ عبادتون قبول ڪري، دعا آهي ته عيد هر گهر ۾ امن ۽ خوشيون آڻي، گڏوگڏ فلسطينين ۽ ڪشميرين لاءِ به آزادي جي عيد نصيب ٿئي.