ڪراچي ٽريفڪ لاءِ نوان قانون لاڳو، موٽرسائيڪلن ۽ رڪشن لاءِ وڏي پئماني تي سخت فيصلا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ٽريفڪ مسئلن کي نظر ۾ رکندي نوان ٽريفڪ ۽ روڊ سيفٽي قانون لاڳو ڪيا ويا.

آءِ جي ٽريفڪ پوليس جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ ۽ رستن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا، جڏهن ته ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

نئين قانونن تحت ٽرانسپورٽرز، موٽر سائيڪل سوارن، چنگچي رڪشن تي ضابطو لاڳو ٿيندو، روڊن تي پاڻي هاريندڙ پاڻي واري ٽينڪرن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي ۽ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ هيلمٽ لازمي هوندو، جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ٿيندي.

اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته موٽر سائيڪلن تي چين اسپاڪٽ تي چين ڪور لڳائڻ لازمي هوندو، جڏهن ته هيڊ لائيٽ، ٽيل لائيٽ، هيزرڊ لائيٽ ۽ انڊيڪيٽر صحيح حالت ۾ هجڻ گهرجن، رجسٽريشن پليٽون ٻنهي پاسن کان واضح هجڻ گهرجن.

موٽر سائيڪل سوارن لاءِ ريئر ويو ميررز جو استعمال لازمي هوندو ۽ ڊرائيونگ لائسنس سدائين پاڻ سان رکڻو پوندو. موٽر سائيڪل هلائيندڙن لاءِ لين جي پابندي لازمي هوندي، ۽ کين روڊ جي کاٻي پاسي هلڻو پوندو، وچ يا ساڄي پاسي اچڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.

گاڏين لاءِ جي پي ايس ٽريڪر، ڊيش ڪيم، ريئر ويو ڪيم ۽ ڪيبن ڪيم لڳائڻ به لازمي هوندو ته جيئن حادثن جي صورت ۾ ثبوت محفوظ ڪري سگهجن ۽ ڊرائيورن جي روين جي نگراني ممڪن بڻائي سگهجي.

اجلاس ۾ آئل ٽينڪرن ۾ بفر پليٽ لڳائڻ جو حڪم ڏنو ويو، جديد ٽريفڪ مانيٽرنگ سسٽم تحت آٽوميٽڪ نمبر پليٽ ريڪگنيشن ڪئميرائون لڳايون پيون وڃن، جيڪي ريڊ سگنل ٽوڙڻ، اسٽاپ لائن کان اڳتي وڃڻ ۽ غلط رفتار کي مانيٽر ڪنديون، جڏهن ته غلط لين ۾ هلندڙ گاڏين جي نشاندهي ٿيندي.

قانون جي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڀڃڪڙي ڪندڙن لاءِ 2500 رُوپين جو واڌو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ چنگچي رڪشن تي به پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن تحت 5 وڏين شاهراهن تي چنگچي رڪشا هلائڻ جي اجازت ختم ڪئي وئي آهي. جيڪي هيٺيان آهن.

  • آءِ آءِ چندريگر روڊ (شاهين ڪمپليڪس کان ٽاور تائين)
  • شاهراهه فيصل (آواري هوٽل کان اسٽار گيٽ تائين)
  • خليق الزمان روڊ (للي سگنل کان سب ميرين انڊر پاس تائين)
  • سر شاهه سليمان روڊ (لياقت آباد 10 نمبر کان اسٽيڊيم تائين)
  • راشد منهاس روڊ (ڊرگ روڊ کان سهراب ڳوٺ تائين)

شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني بهتر ڪرڻ ۽ حادثن کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ پابنديون به لڳائڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.