لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب روپ مٽائي جناح اسپتال ۽ ٻارن جي اسپتال پهچي وئي.
هوءَ عام شهري وانگر اسپتال جي مختلف ڪائونٽرن تي وئي، وارڊن جو معائنو ڪيو ۽ صفائي سٿرائي جو جائزو ورتو.
صوبائي وزير ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي موجودگي کي به چيڪ ڪيو ۽ مريضن جي وارثن کان مفت دوائن جي فراهمي ۽ علاج بابت پڇا ڳاڇا ڪئي.