هارين ۽ آبادگارن جي دادرسي، نقلي ٻج جي 392 ڪمپنين تي پابندي جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)زرعي دوائون ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ 392 نقلي ڪمپنين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻن مهينن جي سروي کانپوءِ سامهون آيل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته اهي ڪمپنيون نقلي زرعي ٻج وڪرو ڪري رهيون هيون.

فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزارت جو زرعي شعبي بابت صوبن سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته چانورن ۾ ايم آر ايل مسئلو سامهون اچڻ کانپوءِ 12 پيستي سائيڊ پراڊڪٽس تي مڪمل پابندي لڳائي وئي.

چانورن جو ٻج ٺاهڻ واريون 1030 ڪمپنيون آهن، جن ۾ نقلي ڪمپنيون به شامل آهن.

ترجمان موجب هائيبريڊ ٻج امپورٽ ڪندڙ ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٻج جي سڀني ٿيلهين تي ڪيو آر ڪوڊ لڳايو وڃي، جيڪو ٻج بنا ڪيو آر ڪوڊ جي هوندو، اهو نقلي تصور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته بنا ڪيو آر ڪوڊ وارن دڪاندارن خلاف زراعت کاتو ۽ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي، جڏهن ته هارين کي صلاح ڏني وئي آهي ته ٻج خريدڻ کان اڳ تصديق لازمي ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.