اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آءِ ايم ايف پاڪستان جي سالياني ٽيڪس هدف ۾ 64 ارب رُپيا گهٽائي ڇڏيو
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (IMF) پاڪستان جي سالياني ٽيڪس وصولي جو هدف 1297 ارب مان گهٽائي 1233 ارب رُپيا مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن سان 64 ارب رُپين جي گهٽتائي ٿي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر آءِ ايم ايف سان 1233 ارب رُپيا ٽيڪس وصولي جو واعدو ڪيو هو، پر ٽيڪس وصولي ۾ گهٽتائي آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي.
ايف بي آر 9 مهينن ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف پورو نه ڪري سگهيو.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته مارچ ۾ ٽيڪس وصولي 107 ارب رُپيا گهٽ رهي، جتي هدف 1220 ارب رُپيا هو، پر ايف بي آر رڳو 1113 ارب رُپيا ٽيڪس گڏ ڪري سگهيو.
ان سان گڏ هلندڙ مالي سال جي پهريون 9 مهينن دوران ايف بي آر جي گڏيل ٽيڪس وصولي جو خسارو 708 ارب رُپين تائين پهچي ويو آهي.