سنڌ ۾ ڪينال مسئلي تي رياست تي حملا ٿي رهيا آهن، پيپلزپارٽي کي ردعمل ڏيڻو پوندو: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪينالن تي اتفاق راءِ ٿيندو ته ڳالهه اڳتي وڌندي، ڇو ته ڪينالن جو مسئلو رياس کان وڏو ناهي.

هڪ بيان ۾ هن چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران وزيراعظم معاملو اتفاق راءِ سان حل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي بيان تي ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته پيپلزپارٽي کي ردعمل ڏيڻو پوندو، رياست کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ ۾ ڪينالن جي معاملي تي پيپلزپارٽي ۽ رياست تي حملا ٿي رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن ته وفاقي حڪومت بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

ياد رهي ته مراد علي شاهه گذريل ڏينهن بيان ڏنو هو ته پيپلزپارٽي حڪومت ڪيرائڻ جي سگهه رکي ٿي، وزيراعظم کي ڪينال ٺاهڻ وارو معاملو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.