”ننڍپڻ ۾ جنسي طور هراسان ڪيو ويو“ مشهور ڀارتي اداڪارا جو انڪشاف

چنائي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي انڊسٽري مشهور اداڪارا ورلڪشمي سرتڪمار ننڍپڻ ۾ جنسي هراساني جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
تامل ۽ تيلگو فلمن جي ناليواري اداڪارا ورلڪشمي سرتڪمار هڪ ٽي وي شو دوران اعتراف ڪيو ته هوءَ ننڍپڻ ۾ جنسي هراساني جو شڪار ٿي چڪي آهي.
شو ۾ هڪ شرڪت ڪندڙ هڪ اميدوار پنهنجي ڪٽنب جي فردن طرفان هراساني جو ذڪر ڪيو، جنهن تي ورلڪشمي جذباتي ٿي وئي ۽ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي.
سندس چوڻ هو ” مان به توهان وانگر آهيان. منهنجا ماءُ پيءُ ڪم تي ويندا هئا ۽ مون کي ٻين وٽ ڇڏي ڏيندا ها، ان دوران پنجن، ڇهن ڄڻن منهنجو استحصال ڪيو، هراسان ڪيو، منهنجي ڪهاڻي به اوهان جهڙي ئي آهي. “
اداڪارا والدين کي صلاح ڏني ته اهي پنهنجن ٻارن کي ”گُڊ ۽ بيڊ ٽچ“ بابت ضرور سمجهائين ته جيئن هو پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن.
ياد رهي ته ورلڪشمي ڏکڻ ڀارت جي مشهور اداڪار شرت ڪمار ۽ سندس پهرين زال چايا ديوي جي ڌيءَ آهي، جڏهن ته اداڪارا راڌيڪا سندس ويڳي ماءُ آهي.
ورلڪشمي سرتڪمار 3 جولاءِ 2024 تي ممبئي جي گيلرسٽ نڪولائي سچديئو سان شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.