رشميڪا هڪ فلم جو ڪيترو معاوضو وٺي ٿي؟ فوربز انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا رشميڪا مندنا هڪ فلم لاءِ ڪيترو معاوضو وٺي ٿي؟ فوربز انڊيا رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رشميڪا مندنا نه رڳو ٽالي ووڊ پر هاڻي بالي ووڊ ۾ به ڇانئجي رهي آهي، جتي هوءَ عيد تي سلمان خان سان گڏ فلم ”سڪندر“ ۾ نظر ايندي.
”پشپا“ ۽ ”اينيمل“ جهڙين بلاڪ بسٽر فلمن کانپوءِ رشميڪا جو ڳاڻيٽو هندستاني سئنما جي پهرئين جوڙ جي اداڪارائن ٿيڻ لڳو آهي.
هوءَ هن وقت اٽڪل هر ڀارتي فلم لاءِ پهرين چونڊ بڻجي چڪي آهي.
ان حوالي سان فوربز انڊيا جي هڪ نئين رپورٽ ۾ تصديق ڪئي آهي ته رشميڪا رڳو باصلاحيت اداڪارا ناهي، پر هوءَ ملڪ جي مهانگي ترين اداڪارائن منجهان هڪ آهي.
رپورٽ موجب، رشميڪا مندنا هڪ فلم لاءِ 10 ڪروڙ رپين تائين معاوضو وٺي ٿي.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اداڪارا حيدرآباد، بئنگلورو، ممبئي ۽ پنهنجي اباڻي علائقي ڪورگ ۾ 70 ڪروڙ ماليت جي اثاثن جي مالڪ پڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.