ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار ماهرا خان ريلوي اسٽيشن تي رپورٽنگ ڪندي وائرل ٿيندڙ وڊيو جو مُک ڪردار چاند نواب بڻجي وئي.
ماهرا خان پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ چاند نواب جي مشهور انداز ۾ رپورٽنگ ڪندي نظر اچي رهي آهي.
هن پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”عيد ويجهو آهي ۽ ريلوي اسٽيشن تي شوٽنگ هلي رهي هئي، تنهنڪري چاند نواب ته بڻجڻو پوندو.“
واضح رهي ته ڪجهه سال اڳ صحافي چاند نواب ريلوي اسٽيشن تي رپورٽنگ دوران ٽرين جي روانگي واري منظر ۾ ماڻهن جي اچ وڃ سبب پريشان ٿي پيو هو، سندس اِها وڊيو ڪلپ انٽرنيٽ وائرل ٿي وئي.
ان کانسواءِ بالي ووڊ سلطان سلمان خان جي 2015ع ۾ رليز ٿيل بلاڪ بسٽر فلم ” بجرنگي ڀائيجان “ نواز الدين صديقي چاند نواب جو ڪردار ادا ڪيو هو .