عيد تي ڪراچي ۾ موسم ڪيئن هوندي؟ موسميات کاتي جي اهم اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي عيد جي ڏينهن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب عيد جي ڏينهن ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، ان دوران صبح جو اتر اولهه کان گرم ۽ خشڪ هوائون گهلي سگهن ٿيون.
موسميات کاتي ٻڌايو ته شام جي وقت شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 4 اپريل کان گرمي پد ۾ اڃا واڌ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.