سنڌو درياهه زندگي آهي، وفاق کي ڳالهه مڃڻي پوندي، حڪومت ڪِيرائڻ جي سگهه رکون ٿا: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪري ته وفاق ڪئنالن واري منصوبن جي حمايت نه ڪندو، سنڌو درياهه اسان جي زندگي آهي، وفاق کي اسان جي ڳالهه مڃڻي پوندي، اسان وفاقي حڪومت ڪِيرائڻ جي سگهه رکون ٿا.
ڪراچي ۾ سينيئر صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران مراد علي شاهه چيو ته ڪئنالن وارو معاملو رڳو سنڌ جو نه پر هڙني صوبن جي هم آهنگيءَ جو آهي.
هن چيو ته وزيراعظم کي اعلان ڪرڻ گهرجي ته وفاق منصوبي جي حمايت نه ڪندو، جيڪڏهن وزيراعظم اعلان نه به ڪندو تڏهن به اسان سنڌ جي عوام سان گڏ آهيون.
سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه اسان جي سڃاڻپ ۽ زندگي آهي، وفاق کي سنڌ جي موقف کي مڃڻ گهرجي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته وفاقي حڪومت ختم ٿئي، پر اسان پنهنجو فيصلو پنهنجي طريقي سان ڪنداسين. اسان ڪئنالن جي اڏاوت ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏينداسين.
مراد علي شاهه چيو ته اسان پنهنجي ملڪ بابت به سوچيون ٿا، اسان 1992ع جي پاڻي واري معاهدي خلاف آهيون، پر ان جي باوجود به اسان کي پنهنجو حق نه ٿو ملي.
هن چيو ته چاهيون ٿا سي سي آءِ اجلاس سڏايو وڃي، صدر آصف علي زرداريءَ چولستان ڪئنال جي منظوري نه ڏني، ميٽنگ جو بهانو بڻائي منظوريءَ جو تاثر ڏنو ويو، جڏهن ته صدر کي رڳو واڌو زمين آباد ڪرڻ بابت چيو ويو هو.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته صدر وٽ ڪنهن به صوبائي منصوبي جي منظوريءَ جو آئيني اختيار ئي ناهي، اجلاس جا منٽس به غلط تيار ڪيا ويا، ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته هڪ اجلاس کانپوءِ توهان ڪئنال ٺاهي سگهو ٿا.
هن چيو ته ارسا به پاڻيءَ جو غلط سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت موجب، چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي پنهنجي حصي مان فراهم ڪيو ويندو، پر ڇا ان سلسلي ۾ پنجاب جي آبادگارن ۽ انجنيئرز کان به راءِ ورتي وئي آهي؟ .
سندس چوڻ هو ته اڳ ڪالا باغ ڊيم بابت به چيو پئي ويو ته ٺهي رهيو آهي، ساڳيو هاڻي چولستان ڪئنال بابت ٿي رهيو آهي. اڃا هي معاملو اڃا سي سي آءِ ۾ پيش ٿيڻو آهي. پروپيگينڊا ذريعي سنڌ حڪومت کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان ان منصوبي تي سي سي آءِ ۾ به مخالفت اڃا به جاري رکنداسين.
واضح رهي ته پاڪ فوج جي انتظام هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ٽيم صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن جا منٽس سنڌ حڪومت ڏانهن موڪليا ويا هئا.
جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته 8 جولاءِ 2024 تي صدر کي” گرين انيشيٽو“ بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٿر ڪئنال، ريڻي ڪئنال، ڪڇي ڪئنال، چشمه رائيٽ بئنڪ ڪئنال، چولستان ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال کي اسٽريٽجڪ منصوبا قرار ڏيندي، انهن جي گڏيل تعمير جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.
منٽس موجب، ڪئنالن کي پاڪستان گرين انيشيٽو لاءِ اهم قرار ڏنو ويو ۽ دعويٰ ڪئي وئي ته صدر انهن جي اصولي منظوري ڏني آهي.
ان کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ سنڌوءَ تي ڇهه ڪئنال اڏڻ خلاف سخت احتجاجن سلسلو جاري آهي ۽ صدر آصف علي زرداريءَ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ان ڏس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته اجلاس جا منٽس غلط تيار ڪيا ويا آهن ۽ صدر کي منظوري ڏيڻ جو اختيار نه آهي.
جڏهن وڏي وزير کان پڇيو ويو ته انهن ئي منٽس ۾ ڪراچي کان مونا بائو تائين ٽرين هلائي ويندي، گرين انيشيٽو تحت سنڌ ۾ زمين ڏني ويندي ۽ ان عملدرآمد ڪيو ويو آهي. هڪ پاسي اوهان منٽس غلط قرار ڏيو پيا ۽ ٻئي پاسي وري انهن تي عمل ٿئي پيو ؟
جنهن تي مراد علي شاهه غير واضح جواب ڏيندي چيو ته جيڪي سٺيون رٿائون آهن، انهن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ 54 هزار ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو کي ڏني وئي آهي، جنهن لاءِ ڪئنالن بدران جَرَ جو پاڻي استعمال ڪيو ويندو.
هن اهو به واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت گرين انيشيٽو لاءِ قرض به فراهم ڪيو آهي،
ياد رهي ته صدر سان گڏ گرين انيشيٽو اجلاس ۾صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي وئي هئي ته هو ان منصوبي لاءِ زمين سان گڏ آبادڪاري لاءِ به قرض فراهم ڪري.
وڏي وزير واضح ڪيو ته چولستان ڪئنال نه پيا ٺهن ۽ نه ئي ٺهندا، وزيراعظم يا پاڻي ۽ توانائي واري وزير کي اعلان ڪرڻ گهرجي ته وفاقي حڪومت ان منصوبي کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.