شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيد سڀاڻي ٿيندي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ عيد الفطر سڀاڻي آچر، 30 مارچ تي ملهائي ويندي.
سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مڪي، مديني، تبوڪ ۽ دمام سميت 10 کان وڌيڪ هنڌن تي چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس ٿيا.
ان کانسواءِ سعودي سپريم ڪورٽ به عوام کي اپيل ڪئي هئي ته هو اڄ شوال جو چنڊ ڏسن.
ملڪ ۾ چنڊ نظر اچڻ کانپوءِ سرڪاري طور عيد جو اعلان ڪيو ويو، سعودي عرب جي تمير رصدگاهه تي شوال جو چنڊ ڏٺو ويو.
سرڪاري اعلان لاءِ سعودي سپريم ڪورٽ طرفان باظابطا اطلاع جاري ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.