راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عيد الفطر کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين عمران خان جو سامان اڊيالا جيل پهچايو ويو.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني لاءِ موڪليل سامان ۾ عيد تي پهرڻ لاءِ 4 نوان جوڙا، جوتا ۽ ويسٽ ڪوٽ شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جا ڪپڙا جيل انتظاميا حوالي ڪيا ويندا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ڪتاب ڏيڻ ۽ پٽن سان رابطو ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.
عدالت پي ٽي آءِ باني جي درخواستن تي جيل اختيارين کي حڪم ڏيندي چيو هو ته عمران خان کي ترت ڪتاب فراهم ڪيا وڃن.
عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته عيد مذهبي تهوار آهي، تنهنڪري پي ٽي آءِ باني جي ٻارن سان فوري ڳالهه ٻولهه ڪرائي وڃي.
Prev Post
You might also like