ڪوٽ غلام محمد(شڪيل خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد ڀرسان 24 ميل موري 6 نوان ڪئنال اڏي سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف درياھ بچايو جلسي عام ٿيو جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ ناميارو قانوندان اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو، جلسي ۾ وڏيرو زاھد رمداڻ، آبادگار اڳواڻ نصير رمداڻ، شمس رمداڻ، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مجيد ٻگھيو، ڪرڙ ريٻاري، شوڪت نوحاڻي، صديق اوٺو، احسان جروار، بابو نوحاڻي، نثار ڀرڳڙي، مقصود ڀرڳڙي، رازو مل ڪولھي،.لڇمڻ داس، ارباب نوحاڻي ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻ ۽ آبادگار سميت ھزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جلسي عام ۾ درياھ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، پاڻي کوٽ ختم ڪيو، معاشي قتل عام بند ڪيو جا وقفي وقفي سان زوردار نعرا ھنيا ويا. جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته ضياء ۽ مشرف کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نه ڏنو، زرداري ۽ شھباز انھن کان سگھارا آھن ڇا؟ سنڌ ڪئنالن خلاف جيئن نڪتي آھي ان جو ايم آر ڊي کانپوءِ 30-40 سالن ۾ مثال نٿو ملي. گرين پاڪستان معني سڄو پاڪستان سائو هجي، شهباز شريف ۽ مريم نواز جي پاليسي آهي ته گرين پاڪستان معني پنجاب سائو ڪجي باقي سنڌ زرد ٿئي سڪي ڀڙڀانگ ٿئي ۽ پوءِ سنڌ ۾ رڳو لاش ئي لاش هجن،پاڻي نه هوندو ته سنڌ جا ماڻهو ڪشتو کڻي پنڻ تي مجبور هوندا، انڪم سپورٽ ذريعي اڳ ۾ ئي عورتن کي پنڻ سيکاريو ويو آهي،هن چيو ته اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪئنال ٺاهي ويندا، ڪئنال ٺهن پيا، ڪم هلي پيو ، سنڌي ڪجهھ نه ڪري سگهندا،اهو غلط تاثر آهي زرداري صاحب دنيا فاني آھي، ھي کربين رپيا، مال ملڪيتون سڀ اتي ئي رھجي ويندا، اصل ڳالھ اھا آھي ته قوم ۽ وطن اوھان کي ڪيئن ياد رکندا؟ وطن ۽ قوم وڪڻي دولت جا انبار جمع ڪرڻ وارا وقت جا ڪرپٽ حڪمرانو وزير ڪرپٽ آفيسر ۽ انھن جا چمچا ڪجھ شرم ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو ته زرداري صاحب 7 ڪروڙ سنڌين جي اکين کي ڏس، اوچا ٿيل ڳاٽ ڏس، ھاڻ خاموش نه ٿيندا، حڪمران ٻڌي ڇڏين ڪنهن کي به سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين هن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ وسيلن، پاڻي ۽ 18 هين ترميم تان هٿ کڻي وئي آهي چولستان ۽ ٻيا 5 ڪينال ٺهي ويا ته سنڌ بنجر ٿي ويندي.سنڌ جا ماڻهو زرداري کي سنڌ جو پاڻي زمينون ۽ وسيلا ڪون ڏيڻ ڏيندا.