انگلينڊ خلاف سيريز، روهت شرما جي مداحن لاءِ بُري خبر

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما طرفان انگلينڊ خلاف شيڊيول ٽيسٽ سيريز تان هٿ کڻڻ جا امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، روهت شرما ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي سبب انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز تان دستبردار ٿي سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته روهت شرما اڳ ئي ان سلسلي ۾ فيصلو ڪري چڪو آهي، جنهن کانپوءِ ويرات ڪوهلي کي اسڪواڊ ۾ برقرار رهڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.
واضح رهي ته روهت شرما بارڊر گواسڪر ٽرافيءَ 3 ميچن ۾ رڳو 31 رنسون ٺاهي سگهيو هو، جڏهن ته هو آسٽريليا خلاف آخري ٽيسٽ ميچ به نه کيڏيو هو، سندس جاءِ تي سڊني ٽيسٽ ۾ جسپريت بمرا ڪپتاني ڪئي هئي.
ياد رهي ته ڀارتي ٽيم هلندڙ سال جون ۾ پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ انگلينڊ جو دورو ڪندي، اِهو 45 ڏينهن تائين جاري رهندو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 20 جون تي هيڊنگلي ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.