ڪلائميٽ فنانسنگ تحت پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالر ملندا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جولي ڪوزيڪ چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي فنانسنگ تحت 1.3 ارب ڊالر ڏنا ويندا.
هڪ بيان ۾ جولي ڪوزيڪ جو چوڻ هو ته پاڪستان سان ايڪسٽنڊڊ فنڊ فيسيلٽي (اي ايف ايف) پروگرام ۽ موسمياتي فنانسنگ لاءِ الڳ الڳ فنڊز جي فراهمي بابت ڳالهيون ٿيون
آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر موجب، موسمياتي فنانسنگ تي پاڪستان سان ڳالهيون ڪامياب رهيون، جنهن تحت پاڪستان کي 28 مهينن دران 1.3 ارب ڊالر ڏنا ويندا.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿيو هو.
جولي ڪوزيڪ وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان لاءِ 37 مهينن جو ايڪسٽنڊڊ فنڊ فيسيلٽي پروگرام سيپٽمبر ۾ طئي ٿيو، جنهن تحت پاڪستان کي مرحليوار 7 ارب ڊالر ملي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان لاءِ نئين قسط جي منظوري لاءِ 25 مارچ تي اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿيو، جڏهن ته پاڪستان اي ايف ايف پروگرام جي پهرئين جائزي ۾ ڪامياب رهيو، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي قسط ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.