اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگرديءَ خلاف حڪومت جي واضح ۽ چٽي موقف تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ۽ صوبي قيادت جي وڏي گڏجاڻي ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.
وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ عسڪري ۽ سول قيادت سان گڏوگڏ چئني صوبن جا وڏا وزير، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا نمائندا پڻ شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪندڙن کي عالمي سطح تي وائکو ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي، جڏهن ته روايتي ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي هلندڙ ملڪ دشمن مهم جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
اجلاس دوران نيشنل ايڪشن پلان تحت قومي بيانئي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جنهن لاءِ ڪميٽيءَ کي دهشتگردن ۽ شرپسندن خلاف اثرائتو ۽ سرگرم بيانيو ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي بيانئي ۽ ملڪ جي سلامتيءَ خلاف ڪنهن به قسم جي مواد جي روڪٿام لاءِ جوڳا ۽ ضروري قدم کنيا ويندا.
ان کانسواءِ اجلاس ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ گڏيل هم آهنگيءَ لاءِ چئني صوبن ۾ سهڪار ۽ رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
قومي بيانئي کي نوجوانن تائين پهچائڻ لاءِ فلمن ۽ ڊرامن ۾ اهڙا قومي موضوع شامل ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو، جن ذريعي شرپسندن جي بيانئي جو اثرائتو مقابلو ڪري سگهجي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي بيانئي کي ڊجيٽل ميڊيا تي به هٿي ڏني وڃي، دهشتگرديءَ جي ناڪاري سماجي اثرن کي اجاگر ڪيو وڃي ۽ سوشل ميڊيا تي ڪوڙين خبرن جو تدارڪ ڪيو وڃي، ڊيپ فيڪ ۽ ٻين ٽولز ذريعي تيار ڪيل ڪوڙي ڄاڻ ۽ مواد جو تصديقي ڄاڻ سان ڀرپور جواب ڏيڻ سان گڏ قومي نصاب ۾ دهشتگرديءَ بابت آگاهي شامل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.