اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ ججن جي وچ ۾ ڪيس ٽرانسفر ڪرڻ تي نئون تڪرار کڙو ٿي ويو.
قائم مقام چيف جسٽس طرفان جاري ڪيل ايڊمنسٽريٽو آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جسٽس بابر ستار ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، پر چيف جسٽس سندس بئنچ کي ئي ڪيس ٻڌڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس بابر ستار، قائم مقام چيف جسٽس جي اختيارن تي سوال اُٿاريندي جڊيشل آرڊر جاري ڪيو ۽ ڊپٽي رجسٽرار کي هدايت ڪئي ته ڪيس ٻيهر ڪنهن نئين بئنچ ۾ مقرر ڪيو وڃي.
لکت واري حڪمنامي موجب، 14 مارچ تي عدالت ڪيس ٻيهر ڪنهن ٻي بئنچ اڳيان مقرر ڪرڻ لاءِ واپس موڪليو هو، پر اهو ٻيهر ساڳئي عدالت ڏانهن اماڻيو ويو، جنهن سان گڏ چيف جسٽس جو نوٽ به هو ته ساڳي بئنچ ڪيس ٻڌندي.
جسٽس بابر ستار جي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس موٽائڻ چيف جسٽس آفيس يا رجسٽرار اسٽاف جي اڻڄاڻائي ۾ ٿيل غلطي ٿي سگهي ٿي، پر چيف جسٽس وٽ اهو طئي ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي ته ڪنهن خاص عدالت کي لازمي طور تي ڪيس ٻڌڻو آهي.
حڪمنامي ۾ واضع ڪيو ويو ته رولز موجب، ڪيس ڪنهن به بئنچ اڳيان مقرر ٿيڻ کانپوءِ ان کي ٻڌڻ يا ان کان معذرت ڪرڻ جو اختيار متعلق جج وٽ هوندو آهي.
ان کانسواءِ چيف جسٽس آفيس يا رجسٽرار آفيس جي مداخلت جي ڪا به گنجائش ناهي، رولز موجب، هنگامي ۽ عام ڪيسن کي مقرر ڪرڻ جو اختيار ڊپٽي رجسٽرار وٽ هوندو آهي، جڏهن ته چيف جسٽس جي ذميواري رڳو ڊپٽي رجسٽرار طرفان تيار ڪيل بئنچ روسٽر جي منظوري ڏيڻ آهي.
جسٽس بابر ستار جي عدالت جو چوڻ هو ته روسٽر جي منظوري کانپوءِ چيف جسٽس جو داخل ٿيل هر ڪيس کي مقرر ڪرڻ ۾ ڪو به ڪردار ناهي، جيڪڏهن ڪا بئنچ ٻڌڻي کان معذرت ڪري يا لارجر بئنچ ٺاهڻ جو چوي ته معاملو چيف جسٽس وٽ ويندو، پر معذرت جي صورت ۾ ڪيس چيف جسٽس ڏانهن موڪلڻ واري روايت رولز موجب ناهي، ان کي ڊپٽي رجسٽرار ڏانهن اماڻڻ گهرجي.
معذرت باوجود ڪيس ٻيهر مقرر ڪرڻ تي جسٽس بابر چيف جسٽس جي اختيارن تي سوال اُٿاري ڇڏيا
You might also like