اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي مقامي عدالت صحافي وحيد مراد جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه وحيد مراد جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت 50 هزار رپين جي مچلڪن تي ضمانت منظور ڪئي.
ان کانپوءِ ۾ عدالت وحيد مراد جي ضمانت جي رقم گهٽائڻ جي درخواست به قبول ڪندي، اِها 50 هزار مان گهٽائي 20 هزار رپيا ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته صحافي وحيد مراد کي ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو.
You might also like