بنا اجازت ڪوهلي جِي بيگ کولڻ وارو معاملو، ڪرڪيٽر جو ردعمل اچي ويو

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيم رائل چئلينجرز بئنگلورو (آر سي بي) جي نوجوان رانديگر سواستڪ چڪارا اسٽار بيٽر ويرات ڪوھلي جي بيگ مان بنا اجازت پرفيوم ڪڍي ورتو، جنهن تي ڊريسنگ روم ۾ موجود سمورا رانديگر کلڻ لڳا.
آر سي بي جي فاسٽ بولر يش ديال سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل وڊيو ۾ ٻڌايو ته ڪولڪتا ۾ ميچ کانپوءِ سڀ ڊريسنگ روم ۾ ويٺل هئاسين جنهن دروان 19 ورهين جي سواستڪ چڪارا ويرات ڪوھلي جو بيگ بنا اجازت کوليو ۽ پرفيوم ڪڍي لڳائڻ لڳو.
هن واقعي تي ٽيم جي ڪپتان رجِت پاٽيدار چيو ته ويرات سامهون ئي ويٺو هو ۽ هو (رجت) وائڙو ٿي ويو ته سواستڪ نيٺ ڪري ڇا پيو، پر ويرات ڪوھلي چُپ رهيو.
ٻئي پاسي پنهنجي حرڪت تي ردعمل ڏيندي سواستڪ چڪارا وضاحت ڪئي ته ” ويرات ڪوھلي اسان جي لاءِ وڏي ڀاءُ جيان آهي، مان بس اِها پَڪ ڪري رهيو هئس ته هو ڪو خراب پرفيوم ته استعمال نه پيو ڪري .“
سواستڪ وڌيڪ چيو ته ڪوهلي مون کان پڇيو ته پرفيوم ڪيئن هو؟ جنهن مون مون کيس وراڻيو ته سٺو هو، مان بس ان لاءِ چيڪ ڪري رهيو هوس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.