ميانمار ۽ ٿائيلينڊ ۾ اڄ هڪ شديد زلزلو آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان جو انديشو آهي،. زلزلي سبب ميانمار ۽ ٿائيلينڊ ۾ عمارتون ۽ پل ڊهي پٽ پئجي ويون، جڏهن ته بئنڪاڪ ۾ هڪ اڏوت هيٺ عمارت ڪرڻ سبب وڏي جاني نقصان جو خطرو آهي.
ميانمار ۽ ٿائيلينڊ ۾ زلزلي سبب وڏو نقصان، فوتگين جو انگ وڌڻ جو امڪان
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ميانمار جي منڊالي شهر ۾ قائم هڪ امدادي ٽيم جي ميمبر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ” نقصان تمام وڏو ٿيو آهي، زلزلي سبب وڏي جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.“
هن چيو ته ” فوتين جو انگ تمام گهڻو ٿي سگهي ٿو، امدادي ڪارروايون جاري آهن، ان ڪري حتمي انگ اکر ڏيڻ ممڪن ناهي.“
پرڏيهي ميڊيا موجب، هينئر تائين صحيح انگ سامهون نه آيو آهي، پر تباهي کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته فوتين جو انگ ڪيئي سون تائين پهچي سگهي ٿو.
ميانمار ۾ ايمرجنسي لاڳو اعلان
مقامي ميڊيا رپورٽن موجب، 2021 کان ملڪ ۾ حڪومت ڪندڙ فوجي انتظاميا ساگانگ، منڊالي، ميگ وي، باگو، ايسٽر شان رياست ۽ نيپيڊو ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
حڪومتي بيان موجب، زلزلي جي نقصانن جي جاچ ڪئي ويندي ۽ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪم کي تيز ڪيو ويندو.
ٿائيلينڊ ۾ به صورتحال ڳنڀير، 70 کان وڌيڪ پورهيت لاپتا
ٿائي نيشنل انسٽيٽيوٽ فار ايمرجنسي ميڊيسن موجب، بئنڪاڪ ۾ هڪ تعمير هيٺ 30 ماڙ عمارت ڪرڻ سبب 43 مزدور گم آهن، جڏهن ته واقعي واري هنڌ 70 کان وڌيڪ مزدورن جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي.
سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جنهن وقت عمارت ڪري تنهن وقت اتي اٽڪل 320 پورهيت موجود هئا، جن مان 20 مزدور لفٽ ۾ ڦاٿل آهن.
ٻيو زلزلو ۽ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري
آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب، 7.7 شدت سان آيل زلزلي کان 12 منٽ پوءِ ساگانگ کان 18 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ 6.4 شدت جو ٻيو زلزلو آيو ۽ زلزلي جا لوڏا چين ۽ ٿائيلينڊ تائين محسوس ڪيا ويا.
انٽرنيٽ ۽ بجلي جي بندش سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون
ريڊ ڪراس موجب، زلزلي کانپوءِ متاثر علائقن ۾ بجلي ۽ انٽرنيٽ جي بندش سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.
منڊالي ۽ ساگانگ ۾ ٽيليفون نيٽ ورڪ به معطل ٿي ويو آهي، جنهن سبب ڄاڻ حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
بئنڪاڪ ۾ زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف
بئنڪاڪ ۾ عمارتون عام طور زلزلي کي ڌيان ۾ رکي تيار نه ڪيون وينديون آهن، جنهن سبب نقصان جو خطرو وڌي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، زلزلي دوران ماڻهن کي خوف وچان عمارتن مان ٻاهر نڪرندي ۽ کليل جڳهن ڏانهن ڊوڙندي ڏٺو ويو.
نيپيڊو ۾ روڊن کي نقصان، عمارتون ڪري پيون
نيپيڊو ۾ زلزلي سبب روڊن ۾ ڏار پئجي ويا، جڏهن ته ڪجهه عمارتون مڪمل طور تي ڊهي پٽ پئجي ويون آهن.
امدادي ادارا صورتحال کي سنڀالڻ ۾رڌل
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ميانمار ۾ زلزلي کانپوءِ امدادي ادارا صورتحال کي سمجهڻ ۽ بحالي جي ڪمن ۾ تيزي آڻي رهيا آهن، جڏهن ته انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي نظام جي بندش سبب مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.