فوج ۾ شامل ٿيڻ جو شوق هو، ننڍپڻ ۾ ڇوڪرن ڏسڻ سان ئي سڪون ملندو هو: صائمه قريشي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا صائمه قريشي چيو آهي ته پاڪستاني ٽيليويزن تي حسن نه صرف ٽئلينٽ هلندو آهي، جنهن کي اداڪاري نه ايندي، اهو گهڻي وقت اسڪرين ٽي ٽڪي نه سگهندو.
صائمه قريشي هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
پروگرام دوران جڏهن کانئس هڪ طرفي محبت بابت پڇيو ويو ته هن پنهنجي شاگردي واري زماني جو قصو ٻڌايو ته ” ننڍپڻ ۾ ڇوڪرن کي ڏسڻ سان ئي سڪون ملندو هو. “
هن ٻڌايو ته جڏهن هوءَ اٺين درجي ۾ پڙهندي هئي، تڏهن سندس پاڙي جو هڪ ڇوڪرو هر صبح رڳو هن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ گهٽيءَ جي ڪنڊ وٽ بيٺو هوندو هو.
صائمه قريشي موجب، جڏهن اهو ڇوڪرو روز اچڻ لڳو ته هوءَ به هن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي ۽ پوءِ هوءَ به سندس هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ سندس اوسيئڙو ڪرڻ لڳي
هن چيو ته اسان جي وچ ۾ ڪڏهن ڪائي ڳالهه ٻولهه نه ٿي، بس ٻئي هڪٻئي کي پري کان ڏسندا هئاسين.
اداڪارا ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن هوءَ خاص طور ان ڇوڪري لاءِ هار سينگار ڪري نڪرندي هئي، پر جنهن ڏينهن هو نه ايندو هو ته سڄو ڏينهن اداس رهندي هئي.
صائمه قريشي انڪشاف ڪيو ته تازو ئي ان ڇوڪرو ساڻس انسٽاگرام تي رابطو ڪيو، هاڻي اهو شادي شده آهي ۽ ٻارن ٻچن جو پيءُ بڻجي چڪو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته سندس والدين جو شوبز انڊسٽريءَ سان واڳيل هئا، پر هن جو اداڪاري ڏانهن لاڙو گهٽ هو.
هن ٻڌايو ته کيس پاڪ فوج ۾ شامل ٿيڻ جو شوق هو، پر اِهو خواب پورو نه ٿي سگهيو، انڪري هن هوٽل مئنيجمينٽ جي پڙهائي ڪئي ۽ انهيءَ شعبي ۾ نوڪري به ڪئي.
صائمه قريشي موجب، هوٽل جي ملازمت دوران ئي مشهور ڊراما ليکڪا فاطمه ثريا بجيا کيس اداڪاري جي صلاح ڏني ۽ پوءِ هوءَ حادثاتي طور شوبز ۾ اچي وئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته حسن ۽ خوبصورتي ڪنهن به شخص کي شوبز ۾ ڪم جو موقعو ضرور ڏياري سگهن ٿا، پر حسن هميشه برقرار نه رهندو.
هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن ۾ اصل ٽئلينٽ نه هوندو، احساس ۽ جذبا نه هوندا ته اِهو شوبز ۾ ڊگهي عرصي تائين جٽاءُ نه ٿو ڪري سگهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.