اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرامن سان معيشت ۾ استحڪام اچي ٿو، دعا آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي.
پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪو ڏينهن خاص خوشيءَ جو ڏينهن آهي، پنجاب جي وڏي وزير طور تعليم، صحت ۽ نوجوانن لاءِ ترجيحي قدم کنيا.
وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن نوجوانن کي آءِ ٽي، اي آءِ ۽ ووڪيشنل ٽريننگ ڏني وڃي ته ملڪ جو اثاثو بڻجندا.
سندس چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان 4 لک ليپ ٽاپ ميرٽ تي قابل شاگردن ۾ مفت ورهايا، ڇو ته دنيا جديد ٽيڪنالاجيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن مختلف ملڪ تيل، گئس ۽ معدنيات سان مالا مال آهن ته پاڪستان جا ڪروڙين نوجوان به وڏو سرمايو آهن، جيڪڏهن مٿن سيڙپڪاري ڪئي وئي ته پاڪستان دنيا جو سڀ کان ترقي يافته ملڪ بڻجي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن، کين بهترين هنر سان نوازينداسين ۽ هنرمند نوجوانن جي ذريعي ملڪ جو مستقبل شاندار بڻائينداسين.
هن چيو ته پاڪستان تي قرض 77 سالن ۾ وڌيا آهن، آءِ ايم ايف جي پروگرام سان معيشت ۾ استحڪام ايندو آهي، دعا آهي ته آءِ ايم ايف جو هيءُ آخري پروگرام هجي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان کي قرضي زندگيءَ کي وقار واري زندگيءَ ۾ بدلائڻو آهي، اسان کي هارين، صنعتڪارن ۽ نوجوانن کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻو آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته مان آخري دم تائين توهان جي حقن لاءِ وڙهندو رهندس، توهان کي قرضن کان ڇوٽڪارو ڏياريندس، پاڪستان جي نوجوانن کي باعزت روزگار ڏيڻ جو اهل بڻائيندس ۽ خادم بڻجي ملڪ جي خدمت ڪندو رهندس.