اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت افغان شهرين لاءِ 31 مارچ تائين ملڪ ڇڏڻ جي ڊيڊلائين ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
گهرو وزارت جي اجلاس ۾ 31 مارچ تائين افغان شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي ڊيڊلائين تي سختي سان عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي اڳ ئي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي ايمنسٽي انٽرنيشنل غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي نيڪالي واري پلان کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته 31 مارچ جي ڊيڊلائين افغان شهرين جي ڏکيائين ۾ واڌارو ڪري سگهي ٿي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب، پاڪستان 2023ع کان 2025ع تائين 8 لک 44 هزار 499 افغان شهرين کي ملڪ مان نيڪالي ڏني آهي.
You might also like