اينڊرائيڊ فونن ۾ واٽس ايپ هلائيندڙن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

واٽس ايپ اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ بيٽا ورزن ۾ هڪ اهڙي سهولت جي آزمائش ڪئي پئي وڃي، جنهن سان واهپيدار انفرادي ۽ گروپ چيٽس سان گڏوگڏ چينلز ۾ به موشن فوٽوز موڪلي سگھندا.
موشن فوٽوز اصل ۾ ننڍڙا آڊيو يا وڊيو ڪلپس هوندا، جيڪي واهپيدار تصوير ڪڍڻ وقت رڪارڊ ڪري دوستن سان شيئر ڪري سگھندا.
ان قسم جو فيچر اڳ ۾ ئي آءِ فون واهپيدارن لاءِ لائيو فوٽوز جي نالي سان موجود آهي، پر هاڻي ميٽا اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ به اها سهولت آڻڻ چاهي ٿي.
رپورٽ موجب، اِهو فيچر مستقبل ۾ عام واهپيدارن لاءِ به پيش ڪيو ويندو، جنهن لاءِ واٽس ايپ ۾ هڪ نئون بٽڻ شامل ڪيو ويندو، جنهن کي ڪلڪ ڪندي واهپيدار موشن فوٽوز يا عام تصويرون موڪلي سگھندا.
جيڪڏهن ڪنهن واهپيدار جو فون موشن فوٽوز کي سپورٽ نه ڪندو، کيس هي فائيل ان سپورٽڊ فائيل ٽائپ طور نظر ايندو.
جيئن ته هي فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ رڳو ڪجهه واهپيدارن کي دستياب آهي، انڪري سمورن واهپيدارن لاءِ اِهو ڪيستائين معتارف ڪرايو ويندو بابت ڪجهه ٻڌائڻ مشڪل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.