ڪراچي ۾ جيءُ جهوريندڙ روڊ حادثو، زال مڙس فوت

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪارساز روڊ تي ڪار سان ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار مڙس ۽ زال فوت ٿي ويا،تفصيل موجب ڪراچي ۾ هڪ ٻيو افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي مين ڪارساز روڊ تي تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل تي سوار ٻه ڄڻن مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي مڙس ۽ زال فوت ٿي ويا،ريسڪيو عملدارن موجب حادثي کانپوءِ ڪار سوار موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن،ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل مڙس ۽ زال جي سڃاڻپ اياز ۽ اقصي جي نالي سان ٿي آهي، مڙس ۽ زال الله والا ٽائون جا رهواسي هئا جيڪي ڪم کان واپس اچي رهيا هئا،وارثن موجب فوتي عورت نارٿ ڪراچي جي هڪ اسڪول ۾ استاد هئي، مقتول اياز فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو،مڇريل ماڻهن ڪار ڊرائيور کي پڪڙي ورتو، جوابدار کي کڻي ويندڙ پوليس موبائيل کي به ماڻهن گھيري ورتو، پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، جوابدار ۽ ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.