جواد ڏيرو ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر، نوٽيفڪيش جاري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ حڪومت جواد ڏيرو کي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان قانون واري کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، واضح رهي ته ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر جي هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ بعد جواد ڏيرو کي عارضي چارج ڏني وئي هئي، جواد ڏيرو 2018ع کان اي جي آفيس ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو، جواد ڏيرو جي اعليٰ ڪارڪردگي سبب سنڌ حڪومت کيس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.