جيئن وڻيوَ تصويرون ٺهرايو، چيٽ جي پي ٽي ۾ نئون فيچر متعارف

جيڪڏهن اوهان به گهڻو ڀاڱي هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪري رهيا آهيو ته هاڻي اوهان ان کي تصويرون ٺاهڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهو ٿا.
”ايميجز ان چيٽ جي پي ٽي“ نالي فيچر ذريعي واهپيدار لکت ۾ هدايتون ڏئي پنهنجي پسند موجب تصويرون تيار ڪرائي سگهن ٿا.
ڪمپني موجب، هي فيچر چيٽ جي پي ٽي پلس، پرو ۽ ٽيم واهپيدارن سان گڏوگڏ اهڙن ماڻهن لاءِ به دستياب آهي جيڪي مفت سروس استعمال ڪري رهيا آهن.
ڪمپني ترجمان جو چوڻ آهي ته مفت واهپيدارن لاءِ تصويرون ٺاهڻ جي حد مقرر ڪئي وئي آهي، پر صحيح انگ ناهي ڄاڻايو ويو.
جي پي ٽي 4 او ماڊل چيٽ جي پي ٽي جي اندر تصويرون ٺاهيندو.
واهپيدار اي آءِ چيٽ بوٽ ذريعي متن کي به تصوير جو حصو بڻائي سگهن ٿا ۽ هي ماڊل ڏکين هدايتن تي ٻڌل تصويرون ٺاهڻ جي صلاحيت به رکي ٿو.
اوپن اي آءِ جي سي اي او سام آلٽمين پنهنجي ايڪس پوسٽ ۾ ٻڌايو ته” هيءَ هڪ حيرت جوڳي ٽيڪنالاجي آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته ماڻهن کي پسند ايندي.“
جي پي ٽي 4 او ڪمپني جو سڀ کان جديد اي آءِ ماڊل آهي، جيڪو ڍانچيدار متن، نشانين ۽ ڊايا گرامز کي به تصوير جو حصو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
هي اي آءِ ماڊل ”ملٽي ٽرن جنريشن“ جهڙو خاص فيچر به رکي ٿو، جنهن ذريعي واهپيدار اي آءِ چيٽ بوٽ سان لکت ذريعي پنهنجي تصويرن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهن ٿا.
ڪمپني موجب، هن فيچر جي غلط استعمال جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اڻ وڻندڙ يا نقصانڪار تصويرون ٺهرائڻ جون درخواستون رد ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.