حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي احتجاج کي عوام ٽشو پيپر وانگر مروڙي ڊسٽبن ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته عوام پيپلز پارٽي کي مڪمل طور رد ڪري چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو واري پارٽي جن جي آڌرڀاءُ ۽ احتجاج ۾ ملڪ جي هر حصي مان لکين ماڻهو نڪرندا هئا، ڪالهه ان جي قيادت لاهوتي جي شربت وانگر عوام ڏي واجهائي رهي هئي.
هن طنز ڪندي چيو ته جيئن لاهوتي جي شربت لاءِ اعلان ٿيندو آهي ته ” پنج رپيا گلاس، پنج رپيا گلاس“ تيئن ئي احتجاج ڪندڙ قيادت ماڻهن کي سڏي رهي هئي.
اياز لطيف پليجو دعويٰ ڪئي ته احتجاج ڪندڙ قيادت کي ڪئنالن خلاف نعرا هڻڻ تي به اعتراض هو ته اِهو نعرو نه لڳايو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته قوم هاڻي سجاڳ ٿي چڪي آهي ۽ ڪو به ڪنهن کي ورغلائي نه ٿو سگهي.
You might also like