سني ديول به بالي ووڊ انڊسٽري ڇڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار سني ديول بالي ووڊ ڇڏڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
هدايتڪار انوراگ ڪيشپ کانپوءِ هاڻي سني ديول به ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو، ان کان اڳ ۾ عامر خان به بالي ووڊ ڇڏڻ جي خواهش ظاهر ڪري چڪو آهي.
سني ديول پنهنجي فلم ”جات“ جي مشهوري مهم دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”اڍائي ڪلو هٿ جي طاقت سڄو اتر ڏسي چڪو آهي، هاڻي ڏکڻ ڏسندو.“
هن جو چوڻ هو ته بالي ووڊ فلمسازن کي ڏکڻ ڀارت جي فلم انڊسٽريءَ مان سکڻ گهرجي، جتي فلمسازن جو ڌيان موضوع تي هوندو آهي ۽ هو هدايتڪار تي مڪمل اعتماد ڪن ٿا.
سني ديول ٻڌايو ته هن فلم ”جات“ جي پروڊيوسر کي هڪ ٻي فلم ٺاهڻ جو به چيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ٿي سگهي ٿو مستقبل ۾ هو بالي ووڊ ڇڏي ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري جو حصو بڻجي وڃي.
ياد رهي ته ”جات“ سني ديول جي پهرين ڏکڻ ڀارتي فلم آهي، جيڪا هندي، تمل ۽ تيلگو ٻولين ۾ رليز ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.