سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ)سڪرنڊ ۾ڪئنالن خلاف جيئي سنڌ محاذ پاران قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج بعد سڪرنڊ جي ميڊيا سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيوآهي ته سنڌ جا ماڻهو درياءَ جي تحفظ لاءِ نڪتا آهن انهن جي جياپي لاءِ سنڌو درياءَ ڪوٽڙي کان هيٺ پنهنجي جوڀن سان وهي. سنڌ کي حصي جو پاڻي ملي ان لاءِ پوري سراپا احتجاج آهي سنڌ جا ماڻهو عورتون ٻار ، وڪيل ، قومي ڪارڪن سراپا احتجاج آهن،ظلم جي حد آهي ته پ پ پاران ڪئنال ٺهرايا پيا وڃن صدر آصف زرداري پاڻ اين او سي ڏني آهي هن چيو ته وفاقي حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن ان لاءِ اربين روپيه رکيا ويا آهن چولستان کي آباد ڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي پاڻ اجازت ڏني آهي ۽ احتجاج به پاڻ ڪري رهيا آهن. سڪرنڊ سميت سنڌ مان مان کنڀي گم ڪيل ساگر ملاح ، امتياز ڀٽي کي آزاد ڪيو وڃي