ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي واءِ سي) جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، سمي دين بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتاري خلاف بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته اختر مينگل وڍ کان ڪوئيٽا تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن خاص طور بلوچ نياڻين تي تشدد خلاف بلوچستان نيشنل پارٽي جي سڏ تي شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ هاڻي انهن شهرن ۾ به ڪاروبار بند آهي، جتي گذريل ٻن ڏينهن کان اهڙو احتجاج نظر نه آيو هو. بلوچستان نيشنل پارٽي طرفان خميس تي سڄي صوبي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ ۽ 28 مارچ تي خضدار جي علائقي وڊ کان ڪوئيٽا تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هڙتال دوران مختلف شهرن ۾ سڀ ڪاروبار، بئنڪ، دوڪانون ۽ پيٽرول پمپ بند رهيا.گوادر کان 270 ڪلوميٽر پري شهر اورماڙا ۾ واپارين جي ايسوسي ايشن طرفان ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ، بيبو بلوچ ۽ سمي دين بلوچ سميت بي وائي سي جي سڀني عورتن جي اڳواڻن جي گرفتاري ۽ ڪيسن خلاف مڪمل شٽر ڊائون هڙتال جاري هئي. بي اين پي جي صدر سردار اختر مينگل بي وائي سي جي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف 28 مارچ تي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي. ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ سردار اختر مينگل چيو ته "آءُ پنهنجن نياڻين جي گرفتاري ۽ مائرن ۽ ڀينرن جي بي حرمتي خلاف وڍ کان ڪوئيٽا تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته "آءُ خود هن مارچ جي قيادت ڪندس ۽ سڀ بلوچ ڀائرن ۽ ڀينرن، جوانن ۽ بزرگن کي هن مارچ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو.”هن اهو به لکيو ته "هي صرف اسان جي نياڻين جي گرفتاري جو معاملو ناهي، هي اسان جي قومي وقار، عزت ۽ اسان جي وجود جو سوال آهي، اسان تيستائين خاموش نٿا ويهنداسين جيستائين اسان جون مائرون، ڀينرون ۽ نياڻيون محفوظ نه ٿيون ٿيون.” هوڏانهن بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اڳواڻن سردار اختر مينگل جي کال جو خيرمقدم ڪندي چيو ته "بلوچستان نیشنل پارٹی طرفان لانگ مارچ جو اعلان قابل ستائش قدم آهي، ۽ اسان هن فيصلي جو احترام ڪندا آهيون.”
-
سمي دين بلوچ آزادي ملڻ بعد عدالتي اڱڻ مان ٻيهر گرفتار، نظربند
ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ سمي دين بلوچ سميت 5 ڄڻن کي ايم پي او تحت مهيني لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي. پوليس پاران امن جي خطري جو جواز پيش ڪندي سمي دين، وهاب بلوچ ۽ ٻين کي عدالتي احاطي مان ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. سمي دين بلوچ کي ايم پي او آرڊر تحت 30 ڏينهن لاءِ جيل منتقل ڪيو ويو آهي. هن معاملي ۾ سنڌ حڪومت پنهنجي حڪم ۾ لکيو آهي ته سمي بلوچ سميت پنجن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ڇو ته اهي عوام کي مشتعل ڪري رهيا هئا ۽ انهن جي ڪري امن کي خطرو هو. اڱاري جي صبح پوليس سمي دين سميت پنجن ماڻهن کي سينٽرل جيل ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. اڱاري تي عدالت ۾ جبران ناصر سميت ٻيا وڪيل پيش ٿيا ۽ عدالت کي آگاہ ڪيو ته سمي بلوچ کي بيگناهه ۽ غير قانوني طور تي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ شهر ۾ دفعه 144 لاڳو ڪرڻ غلط آهي. عدالت وڪيلن جا دلائل ٻڌڻ کانپوءِ سمي دين محمد ۽ وهاب بلوچ سميت پنجن ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو پر انهن جي آزادي کان پوءِ پوليس سمي دين بلوچ کي ٻيهر گرفتار ڪيو ۽ ٻڌايو ته هن کي ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جي طرفان سمي بلوچ کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش تي وڪيلن طرفان مزاحمت ڪئي وئي. ان موقعي تي عدالت پوليس کان ايم پي او جو آرڊر طلب ڪيو، جنهن کان پوء پوليس عدالت ۾ آرڊر پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته هو قانون مطابق ايم پي او آرڊر تي عمل نٿا ڪري سگهن.
-
ماهه رنگ، سمي دين ۽ ٻين کي آزاد ڪري بلوچن سان ڳالهيون ڪيو: اين ڊي پي
ڪراچي ( رپورٽر). نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ( اين ڊي پي ) جي مرڪزي آرگنائيزر شاهه زيب بلوچ. سلمان بلوچ، بلوچ يڪجهتي جي اڳواڻ فوزيه بلوچ ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏيل پريسڪانفرنس ڪندي بلوچ يڪجهتي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، عبدالوهاب بلوچ، سميع دين بلوچ، بيبرڪ بلوچ، نبيل بلوچ، نويد بلوچ، ناصر قمبراني، ڊاڪٽر حمل بلوچ ۽ عمران بلوچ سميت گرفتار سمورن بلوچ سياسي ڪارڪنن جي آزادي ۽ بازيابي ۽ بلوچستان جو مسئلو گڏيل ڳالهه ٻولهه وسيلي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. شاهه زيب بلوچ چيو ته جيڪڏهن حمود الرحمان ڪميشن تي عمل ڪري بنگلاديش مان سبق حاصل ڪيو وڃي ها ته اڄ ملڪ ۾ اهڙا مسئلا پيدا نه ٿين ها. هن چيو ته بلوچستان ۾ سياسي ڪارڪنن جي گمشدگي جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، اين ڊي پي جي ڪارڪن۽ بلوچ شاعر نبيل نود بلوچ کي گوادر مان گم ڪيو ويو آهي.هن چيو ته ڪوئٽا ۾ پوليس تشدد ۾ شهيد ٿيل ٽن ڄڻن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ان خلاف احتجاج ڪندڙ بلوچ يڪجهتي ڪائونسل جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ سميت ٻين سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ايم پي او تحت نظربند ڪيو آهي ۽ سنڌ حڪومت،سنڌ پوليس سومر ڏينهن ڪراچي ۾ بلوچ نياڻين ۽ نوجوانن تي تشدد ڪري کين سميع دين سميت گرفتار ڪري انساني ۽ آئيني حقن جي پائمالي ڪئي آهي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ سميع دين بلوچ کي ڪورٽ مان ضمانت ملڻ بعد ڪراچي پوليس طرفان ايم پي او تحت گرفتار ڪرڻ تي ان جي ڀيڻ مهلب بلوچ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انساني حقن جي عالمي ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڊاڪٽر ماهه رنگ ۽ سميع دين بلوچ سميت ٻين سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري جو فوري نوٽيس وٺن ۽ سنڌ بلوچستان حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر ماهه رنگ ۽ سميع دين کي غير آئيني ۽ غير قانوني طور گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪري آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪراچي پوليس خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته سميع دين بلوچ جي ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ جي باوجود ان کي ڪراچي پوليس زبردستي ايم پي او تحت گرفتار ڪيو آهي، جنهن جي خلاف اتي موجود وڪيلن به مزاحمت ۽ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي اڳواڻ قاضي خضر حيات ڳالهائيندي چيو ته هو سومر ڏهاڙي ڪراچي پريس ڪلب ويندڙ بلڇ عورتن ۽ مردن تي ٿيل پوليس تشدد جو اکين ڏٺو شاهد آهي۽ پوليس نياڻين کي روڊن تي گهلي انهن تي تشدد ڪري سميع دين بلوچ ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي وجود کان اڳ سنڌ ۽ بلوچستان جو وجود هو۽ اهي ملڪ ۾ شامل ٿيا هئا، انهن جي شموليت ڪري پاڪستان جو وجود برقرار آهي، ملڪ جي سلامتي لاءِ انهن کي آئين ۽ قانون حق ڏيڻا پوندا . ان موقعي تي سميع دين بلوچ جا ٻيا گهر ڀاتي به موجود هئا.
-
اسٽيبلشمينٽ کي منهنجون ڳالهيون پسند نه آيون،باغين کي ڪيئن سمجهايان؟ا ختر مينگل
ڪوئيٽا(م ڊ)بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته جڏهن 2018ع واري نام نهاد جمهوري حڪومت کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته فارم 47 واري حڪومت کي ڪيئن ايندي،هڪ خانگي ٽي وي چئنل آج ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته 2108ع ۾ جڏهن قومي اسيمبلي ۾ تقريرون ڪندو هئس ته محسوس ٿيندو ته منهنجون اهي ڳالهيون ادارن کي نه پيون وڻن،اسلام آباد ۾ ويٺل دوست ذڪر ڪندا هئا ته توهان جون ڳالهيون ”انهن“ کي پسند نه پيون اچن،مون جواب ڏنو ته مون آئين جي روشني ۾ ڳالهيون ڪيون آهن، آصف زرداري مون کي تقرير لاءِ وقت ڏيندو هو، هن چيو ته دوست چوندا هئا ته هاڻي توهان کي اليڪشن ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو،فيبروري 24 جي چونڊن ۾ اهو نتيجو نڪري به ويو،هن چيو ته مون تڏهن آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ آڏو چيو ته جهڙي طرح جي سياست توهان چاهيو ٿا ان کان سٺو آهي ته گهر ويهي رهون ۽ پڪوڙي جو ريڙهو لڳائي ڇڏيون،خدشن باوجود آئون وري به اسيمبلي ۾ آيس،جڏهن توهان کي ايوان ۾ ماڻهن جا مسئلا بيان ڪرڻ جي اجازت نه هجي ته پوءِ سٺو گهر ويهي رهجي، رڳو اسيمبلي جون مراعتون نه کپن،عمران خان دور وانگر اسيمبلي ۾ تقريرن جو ميڊيا بليڪ آئوٽ ٿيڻ لڳو،هاڻي ته جيڪو نئون اسپيڪر آهي اهو ته جنرل بڻجي ويو آهي هن رڪارڊنگ وارين تقريرن تي به پهرو لڳائي ڇڏيو آهي،هن چيو ته اڪبر بگٽي جي شهادت تي اداري جو سربراهه معافي ڇو نٿو وٺي سگهي؟آصف زرداري ته ماضي ۾ بلوچستان واقعن تي معذرت ڪئي پر انهن جو ازالو ڪهڙو ڪيو ويو آهي؟بلوچستان ۾ شورش 1948ع کان جاري آهي،بلوچستان ترجيح هوندو ته اپوزيشن اتحاد ۾ شامل ٿي ويندس،هاڻي بلوچ عورتون ٻاهر نڪري رهيون آهن،هن ملڪ جي آئين کي ڪنهن مڃيو آهي؟ اهو آئين پنهنجي پاڻ کي نه پيو بچائي سگهي،مان باغي نوجوانن کي ڪيئن راضي ڪريان؟ مون کي رستو نظر نه پيو اچي،ڪنهن کي سمجهايان؟ اهو وقت جو زيان آهي،هن چيو ته بلوچستان ۾ نيپ جي پهرين حڪومت،اڪبر بگٽي جي حڪومت پوءِ اسان جي حڪومت انهن ٽنهي حڪومتن تي بدعنواني جو هڪ ڪيس به هجي ته ٻڌايو،ان کانپوءِ جيڪي حڪومتون آيون ۽ هن وقت جيڪا به حڪومت آئي آهي اهي عوام لاءِ چونڊجي نه آيون آهن،جعفر ايڪسپريس واقعي تي هن چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ پل کي اڏايو ويو آهي،جيڪي منهنجي والد عطاءَ الله مينگل،نواب خير بخش مري،مير غوث بخش بزنجو،اڪبر بگٽي کي نه سمجهي سگهيا مون جهڙو جاهل ۽ بيوقوف ”انهن“ کي ڇا سمجهائي سگهندو؟
-
احتجاج ماهه رنگ جو حق آهي: ملالا پاران گرفتاري تي ڳڻتي
اسلام آباد (منصور علي خان) ماهرنگ کان پوءِ سمي بلوچ کي به گرفتار ڪيو ويو. ملالا يوسفزئي به ان حوالي بيان ڏنو آهي. سول سوسائٽي سميت ٻين تنطيمن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جي سرڪار پاران بلوچ رائٽ ايڪٽوسٽ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پيپلزپارٽي جيڪا آزادي اظهار راءِ سان گڏ هئڻ جي دعويٰ ڪندي آهي اها ايڪسپوز ٿي وئي آهي. سمي بلوچ آواران سان تعلق رکي ٿي سندس والد دين محمد بلوچ 28 جون 2009 کان لاپتا ٿي ويو هيو، بقول صحافي محمد حنيف جي سمي جي زندگي ۾ 5 وزيراعظم تبديل ٿيا پر سندس مسئلو اتي جو اتي آهي. ٻئي پاسي ايمنسٽي انٽرنيشنل سائوٿ ايشيا ريجنل آفيس پاران به ٽوئٽ ڪندي ماهرنگ بلوچ جي گرفتاري تي ڳڻتي ڏيکاري وئي آهي. ملاله يوسفزئي ٽوئٽ ڪئي ته ماهرنگ بلوچ لکين ماڻهنجو آواز آهي. سندس احتجاج جمهوري حق آهي ان جي گرفتاري تي ڳڻتي آهي. اختر مينگل جي هڙتال جي اعلان کانپوءِ بي واءِ سي ٽوئيٽ ڪيو ته اختر مينگل ان کي ري ٽوئيٽ ڪيو ۽ بي واءِ سي سان ايڪي جو اظهار ڪيو. ان مان ڏٺو ويو ته اختر مينگل ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي هن تنظيم سان ويجهو ٿي ويو آهي. بي ايل اي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن بابت دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هربائي ۾ هنن سڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اوهان ٻن ٽن سڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائي انهن جي وڊيو ٺاهي ورتي ته پوءِ اوهان جعفر ايڪسپريس واقعي جون وڊيوز ڇو نه جاري ڪيون هيون جنهن ۾ اوهان دعويٰ ڪئي هئي ته اوهان 160 سڪيورٽي اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.
-
بلوچستان ۾ ڪوبه نواب يا سردار عوام سان گڏ ناهي: ثناءُالله بلوچ
نيو يارڪ (م ڊ) سينيٽر ثناءُالله بلوچ هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته بلوچستان ۾ سردار اختر مينگل کانسواءِ ڪو به نواب يا سردار بلوچن سان گڏ ناهي، ڪجهه سردار پهريان مشرف سان گڏ هئا جيڪي اڄ به اسٽيبلشمينٽ سان گڏ آهن. هن چيو ته اسان اختر مينگل کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، سندس جمهوري ۽ سياسي مطالبا آهن، ٻيا سردار ۽ نواب خاموش گهرن ۾ ويٺا آهن، ڪجهه کي حڪومت کٽرائي اسيمبلين ۾ موڪلرايو، ڪجهه وري پاسي ٿي ويا، ڪير به سنجيده سياست ۾ ناهي، اسٽيبلسمينٽ خلاف سياست تي اوهان کي بي واءِ سي جيان لٺيون کائڻيون پونديون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو جاگيردار پاڪستان جو صدر آهي، وڏي جاگير ڀٽو خاندان جي آهي، هو ڪو بلوچستان جو غريب سردار ناهي. هن دعويٰ ڪئي ته بلوچستان حڪومت پي پي ايل سان معاهدو ڪري 50 سيڪڙو حصو سرينڊر ڪري ڇڏيو، جنهن سان صوبو پنهنجي جائز حق کان محروم ٿي ويو. هن چيو ته 40 ارب رپيا بلوچستان حڪومت کي خاموشي سان مليا، وڏي وزير اهي 40 ارب هڪ هڪ يو سي ۾ هڪ هڪ ارب رپين جو 5 ڪلوميٽر جو روڊ ٺاهڻ جا ٽينڊر ڪري ڇڏيا. انوار الحق ڪاڪڙ جي حڪومت دوران 11 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر زمين ڪمپني کي ڏني وئي، پر بغير ڪنهن معاوضي جي. ثناءُالله بلوچ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي معدني وسيلن تي مڪمل ڪنٽرول وٺڻ لاءِ نوان پلان ٺاهي رهي آهي. بلوچستان ۾ امن جو قيام تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن انصاف ٿيندو.