ايف آءِ اي جو ارمغان جي گرفتاري لاءِ عدالت سان رابطو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جوابدار ارمغان جي گرفتاري لاءِ انتظامي جج سان رابطو ڪري ورتو.
ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل آهي ۽ جاچ لاءِ سندس ڪسٽڊي گهربل آهي.
انتظامي جج پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جنهن عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، ايف آءِ اي کي اتي درخواست ڏيڻ گهرجي. ان کانپوءِ ايف آءِ اي لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪيو، جتي عدالت موقف اختيار ڪيو ته رمانڊ ڏيڻ جو اختيار انتظامي عدالت کي آهي.
ٻئي طرف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جوابدار خلاف پوليس مقابلو، قتل ۽ هٿيارن جي ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي پڻ ٿي، جتي عدالت جوابدار ارمغان کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
جج رمارڪس ڏيندي چيو ته جسماني رمانڊ ضروري ناهي، جڏهن ته جاچ آفيسر به جوابدار کي جڊيشل رمانڊ تي موڪلڻ جي سفارش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.