نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) عورت زبردستي شادي ڪرائڻ تي پنهنجي دوست سان گڏجي شادي جي ٻن هفتن کانپوءِ مڙس کي قتل ڪرائي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي ضلعي اورايا ۾ 22 ورهين جي عورت پنهنجي مڙس کي منصوبابندي تحت قتل ڪرايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پرگتي يادو ۽ انوراگ يادو گذريل 4 ورهين کان لاڳاپن ۾ هئا پر گهر ڀاتي انهن جي شادي لاءِ راضي نه ٿيا ۽ پرگتي جي هلندڙ مهيني 5 تاريخ تي دليپ نالي شخص سان زبردستي شادي ڪرائي وئي.
پوليس ٻڌايو ته 19 مارچ تي دليپ ٻنين ۾ زخمي حالت ۾ هٿ آيو، جنهن کي فوري طور اسپتال نيو ويو، سندس جسم تي فائرنگ جا ڪيترائي زخم هئا ۽ هو نه بچي سگهيو.
پوليس موجب دليپ جي ڀاءُ جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ جاچ ۾ خبر پئي ته مقتول جي زال ۽ ان جي دوست جي شادي کانپوءِ ملاقات نه ٿي سگهي ته عورت مڙس کي قتل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ هن راما جي چوڌري نالي اجرتي قاتل کي 2 لک رپيا ڏنا.
پوليس ٻڌايو ته سي سي ٽي وي جي مدد سان جوابدارن کي گرفتار ڪري قتل جي واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار ۽ موٽر سائيڪل به برآمد ڪئي وئي آهي.
You might also like