ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) ريڪوڊڪ منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
منصوبي بابت ڄاڻ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع ڪرائي وئي، ڏنل ڄاڻ موجب ريڪوڊڪ منصوبي جي مائننگ جي عمر 37 سال آهي، ڪم ٻن مرحلن ۾ ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ 5.6 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي.
ريڪوڊڪ منصوبي مان 13.1 ملين ميٽرڪ ٽن ٽامي ۽ 17.9 ملين اونس سون جي پيداوار جي اميد آهي، ٽامي جي قيمت 9,813 ڊالر في ٽن آهي، جڏهن ته سون جي قيمت 3,040 ڊالر في اونس آهي.
37 سالن ۾ 183 ارب ڊالر جي ڌاتو ۽ ٽامي جي پيداوار ٿيندي، جنهن مان لڳ ڀڳ 91 ارب ڊالر بارڪ جا هوندا، جنهن ۾ بلوچستان حڪومت جو حصو 45 ارب ڊالر هوندو، 5.6 ارب ڊالر جي ريڪوڊڪ مائننگ پراجيڪٽ ۾ او جي ڊي سي ايل جو حصو 8.33 سيڪڙو هوندو.
ريڪوڊڪ پراجيڪٽ جو پهريون مرحلو 2028 ۾ ساليانو 45 ملين ٽن پروسيسنگ شروع ڪندو.
You might also like